مختصر خبرون

صحافي امتياز سومرو مٿان ظلم ڪندڙن ايس ايڇ او نوشهرو کي هٽائي ڪري کيس انصاف ڏنو وڃي، سماجي تنظيمون

معشوق علي سومرو، نوشهرو فيروز
پاڪستان ۾ صحافين مٿان ٿيندڙ جبر ۽ آزاد صحافت مٿان وڌندڙ بندشن خلاف ينگ سومرا ويلفئر ٽرسٽ ، سارنگ ويلفئر ٽرسٽ، شهري اتحاد ۽ جرنلسٽ فائونڊيشن طرفان نيشنل پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي الڪوثر ڇوئڪ سامهون مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي جرنلسٽ فائونڊيشن جي صدر مولابخش مشوري ۽ جنرل سيڪريٽري معشوق علي ڪري رهيا هئا، هن احتجاجي مظاهري ۾ صحافين ، شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاهري ۾ سخت نعريبازي ڪندي صحافين ”ظلم کي ضابطي هم نهين مانتي“ وارا نعرا هنيا ۽ مطالبو ڪيو ته سينيئر صحافي امتياز سومرو مٿان ظلم ڪندڙن ايس ايڇ او نوشهرو کي هٽائي ڪري کيس انصاف ڏنو وڃي ۽ سنڌ جي سمورن صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي تي مولا بخش چيو ته هو امتياز سومرو مٿان ايس ايڇ او نوشهرو فيروز پاران ڪيل ذيادتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته ڪراچي کان خيبر تائين اسين صحافي ڪالهه به امتياز سومرو سان گڏ هئاسين اڄ به آهيون. هن چيو ته پاڪستان صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، اسين پنهنجن ساٿين جو تحفظ ڪنداسين، صحافي ڊگهي جدوجهد لاءِ تياري ڪن. جنرل سيڪريٽري معشوق علي چيو ته سڌريل ملڪ صحافين جي تجزين تي ملڪ جون پاليسيون ٺاهيندا آهن، پر هتي بدقسمتي سان ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا صحافين سان ظلم ۽ زيادتون ڪيون وڃن ٿيون . هن احتجاجي مظاهري ۾ صحافين، شهرين، سماجي ڪارڪنن سان گڏو گڏ وڪيلن به شرڪت ڪئي.هنن مطالبو ڪيو ته جلد از جلد ايس ايڇ او نوشهروفيروز اسد نبي کي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button