مختصر خبرون

صحافين سان زيادتيون ڪندڙ ايس ايڇ او نوشهروفيروز اسد نبي ڪچي بدلي

معشوق علي سومرو ،نوشهروفيروز
صحافين سان زيادتيون ڪندڙ ايس ايڇ او نوشهروفيروز اسد نبي ڪچي بدلي ، محمد نواز نئون ايس ايڇ او نوشهروفيروز مقرر. تفصيل موجب نوشهروفيروز جي ايس ايڇ او اسد نبي ڪچي کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي محمد نواز کي ايس ايڇ او نوشهروفيروز مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ايس ايڇ او اسد نبي نوشهروفيروز ۾ پنهنجي دوستي نڀائي رهيو هو، ۽ ڪافي صحافين سان بدتميزيءَ سان پيش ايندو هو جنهن جي ڪري هن کي هتان هٽايو ويو آهي. جڏهن ته محمد نواز پنهنجي چارج سنڀالي ورتي آهي. نوشهروفيروز جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ايس ايڇ او اسد نبي جي بدلي ٿيڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button