مختصر خبرون

صحافين جي اغوا ڪوشش خلاف ھنڱورجا ۾ احتجاجي مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
سنڌ صحافي سنگت جي سڏ تي هنڱورجا ۾ ڪراچي جي صحافي عثمان گيلاني جي اغوا ۽ ڪنب جي صحافي زاهد راڄپر جي اغوا جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن ۽ ياسين راڄپر جي موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ صحافين غلام حسين چانگ، مور سنڌي، عبدالسميع ڀنڀرو، فياض سولنگي، شمن راڄپر، هادي بخش ، رحيم سولنگي، گلزار سهتو ، فياض سنڌي، محمد صديق سولنگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. صحافي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ هڪ سازش تحت صحافين کي حق ۽ سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ اغوا ڪرايو پيو وڃي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي عثمان گيلاني کي بازياب ڪرائي زاهد راڄپر جي اغوا جي جوابدارن ۽ ياسين راڄپر جي موٽر سائيڪل ڦريندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button