مورو

شرميلا فاروقي جي تعصباڻي رويي خلاف مورو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

عبدالوحيد مستوئي، مورو

شرميلا فاروقي جي تعصباڻي رويي خلاف مورو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
شرميلا فاروقي جي تعصباڻي رويي خلاف مورو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

سنڌي ادبي سنگت مرڪزي جي سڏ تي سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو پاران ثقافت کاتي سنڌ پاران مستحق شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن جي علاج جا پئسا غير مستحق ۽ من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ واري عمل ۽ شرميلا فاروقي جي تعصباڻي رويي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي شمع ڪمپيوٽر سينٽر کان شروع ٿي ۽ شهر جو گشت ڪرڻ بعد مورو ميڊيا سينٽر اڳيان پهتي ريلي ۾ شريڪ شاعرن، اديبن فنڪارن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا ۽ ثقافت کاتي مان ڪرپٽ ڪامورا ۽ شرميلا فاروقي کي هٽايو جا نعره هڻي رهيا هئا ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت مورو جي سيڪريٽري رزاق مستوئي، مختيار شاھ، هدايت ڏيپر، رضا لانگاھ، خالد ساحل ڪيريو، بابر مقدر ميمڻ، بالا بلوچ، يونس راهو، احمد ظفر خاصخيلي، حسن صوفاڻي، جست جي فتاح چنا، اشرف لغاري، شاهنواز ڀٽي، نويد رضا مستوئي، وحيد رزاق مستوئي، ابرار ميمڻ، اظهار لانگاھ، سڪندر علي، ظهور کوکر ۽ ٻين چيو ته افسوس آهي جو جمهوري حڪومت سنڌ جي شاعرن، اديبن، فنڪارن ۽ مصورن جي احتجاج جو ڪوبه نوٽيس وٺن لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته ثقافت کاتي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار شرميلا فاروقي سنڌي ادبي سنگت کي بليڪ ميلر تنظيم چئي تعصب پرستي جو مظاهرو ڪيو آهي هنن چيو ته ثقافت کاتي جي ڪجهه آفيسرن جي ڪرپشن سبب مستحق ۽ بيمار شاعر، اديب، فنڪار ۽ مصور تڙپي تڙپي فوت ٿي رهيا آهن ۽ ڪيترائي هن وقت موت ۽ زندگي جي ٻواٽي تي ساھ کڻي رهيا آهن جن کي سهائتا جي تڪڙي ضرورت آهي جن ۾ بشير سيتائي، مرتضى شاھ ڏاڏاهي، عبدالله جيسر، گدا خاصخيلي، خليق ٻگهيو، الياس ڪنڀر، جعفر شاھ ارشاد سميت فنڪار اديب مصور شاعر شامل آهن هنن ڪرپشن ۾ ملوث ثقافت کاتي جي ڪامورن خلاف ڪارروائي ۽ شرميلا فاروقي کي هٽائڻ جي گهر ڪئي.
شاعرن جي شاعري جي فني ۽ فڪري ترقي وقت به وقت ٿيندي رهي آهي جيڪڏهن هي سلسلو جاري رهيو ته ادبي ميدان ۾ ادبي سنگت مورو هن سماج جي آزادي جي رستي ۾ پنهنجو ڪردار سگهارو ادا ڪري سگهي ٿي اهڙن خيالن جو اظهار صدارتي راءِ ڏيندي نوجوان دانشور يونس راهو مورو جي شمع ڪمپيوٽر سينٽر تي سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جي دستوري گڏجاڻي جي صدارت ۾ ڪيو هن وڌيڪ چيو ته اڃا به ضرورت آهي ته جديد ادب جي فڪري فني پهلوئن تي تربيتي پروگرام منظم ڪيو وڃي سنڌي ادبي سنگت ڪافي عرصي کان لاڳيتو رسمي دستوري گڏجاڻيون جاري رکيو اچي پئي جنهن ۾ احمد ظفر خاصخيلي (غزل)، خالد ساحل ڪيريو (وائي)، هدايت ڏيپر (غزل)، بابر مقدر ميمڻ (غزل)، تنقيد جي لاءِ پيش ڪيا جن تي مٿين سميت رزاق مستوئي، بالا بلوچ، رضا لانگاھ، مختيار علي شاھ، سڪندر جروار، وحيد رزاق مستوئي، نويد رضا مستوئي، جست جي عبدالفتاح چنا، اشرف لغاري، شاهنواز ڀٽي، حسن صوفاڻي، جاني جماڻي، اظهار رضا لانگاھ، ظهور کوکر، ابرار ميمڻ، اظهر سنڌي، سڪندر چنڊ ۽ ٻين اصلاحي راءِ پيش ڪئي جڏهن ته آخر ۾ فنڪار ۽ شاعر بالا بلوچ ترنم ۾ وائي ۽ غزل ٻڌايا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button