سکر

سکر: ڊاڪٽر نصر الله بلوچ عوام جي شڪايتن کي ٻڌڻ لاءِ مختلف علائقن جو دورو ڪيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
Nasruallah Baluch (640x267)
پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر نصر الله بلوچ ۽ ٻين شهرن اندر وڌندڙ مسئلن ۽ عوام جي شڪايتن کي ٻڌڻ لاءِ مختلف علائقن جو دورو ڪيو، گذريل ڏينهن ڊاڪٽر نصر الله بلوچ، پ پ اڳواڻ عامر مغل، جاويد شيخ، امان الله ڀٽي ۽ ٻين پ پ ورڪرن سان گڏجي واريتڙ ۽ پاڪ ڪالوني واري علائقي ۾ رهواسين ۽ واپاري اڳواڻن سان ملاقات ڪري مسئلا معلوم ڪيا، ان موقعي تي اڪثر ماڻهن ڊرينيج ۽ سيوريج نظام جي ناڪاره هجڻ، پيئڻ جي پاڻي جي سپلاءِ نه ملڻ، بجلي جي لوڊشيڊنگ، گندگي جا ڍير لڳڻ سميت ٻين معاملن بابت شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، ان موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي چيو ته عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ انتظاميا جي ذميواري آهي جيڪي آفيسر پنهنجي فرضن۾ ڪوتاهي ڪن ٿا انهن بابت سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه کي شڪايت ڪندس ته جيئن هتان جي ماڻهن کي گهربل سهولتون ملي سگهن. بعد ۾ نوري آباد روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل ارشد کوکر جي وفات تي سندس وارثن نور حسين ۽ شبير حسين سان تعزيت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button