سکر

سکر: پي ايس ٽي اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف خورشيد شاھ جي گھر ٻاھران مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

سکر: پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي پاس اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف خورشيد شاھ جي گھر ٻاھران مظاھرو
سکر: پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي پاس اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف خورشيد شاھ جي گھر ٻاھران مظاھرو

سکر ضلعي جي پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاه جي گهر ٻاهران احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي لالچند، محمد اسلم ٿهيم، عمران شاه، عبدالسميع ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته ٻه سال اڳ ڄاڻايل اميدوارن اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪري پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي لاءِ اپلاءِ ڪيو جنهن کانپوءِ هينئر تائين آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا جنهن جي ڪري اميدوارن ۾ بيچيني پکڙيل آهي، صوبائي تعليم جو وزير ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار ايجوڪيشن ضلعي سکر جي ڊائريڪٽر جي ڪوتاهين جو نوٽيس وٺي اميدوارن جو مسئلو حل ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button