مختصر خبرون

سکر: هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان شريف دوران سيپڪو انتظاميا طرفان ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

سکر: هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان شريف دوران سيپڪو انتظاميا طرفان ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري
سکر: هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان شريف دوران سيپڪو انتظاميا طرفان ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري

سکر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان شريف دوران سيپڪو انتظاميا طرفان ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري، روزيدار ۽ عام صارفين پريشاني جو شڪار، تفصيل موجب وفاقي حڪومت طرفان رمضان شريف دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ واري هدايتن باوجود سيپڪو انتظاميا رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ سحري ۽ افطاري جي وچ واري ٽائيم ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري روزيدار ۽ عام صارفين سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، جنهن ۾ ملٽري روڊ، آدم شاه ڪالوني، پوليس هيڊ ڪواٽر چوڪ، نئونپنڊ، پراڻو سکر، گوليمار، روهڙي سميت ٻيا علائقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، ان ڏس ۾ سيپڪو جو چيف ايگزيڪٽوآفيسر نوٽيس وٺي بجلي جي سپلاءِ کي يقيني بڻائي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button