سکر

سکر: ملت ايڪسپريس جو پاور پلانٽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، مسافر پريشان

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

سکر: ملت ايڪسپريس جو پاور پلانٽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، مسافر پريشان
سکر: ملت ايڪسپريس جو پاور پلانٽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، مسافر پريشان
سرگوڌا کان ڪراچي ويندڙ ملت ايڪسپريس روهڙي ريلوي اسٽيشن تي جيئن ئي پهتي ته پاور پلانٽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو جنهن جي ڪري سخت گرمي ۾ پکا ۽ اي سي بند ٿيڻ سبب مسافرن ۾ پريشاني واري صورتحال پيدا ٿي وئي، اڪثر مسافرن اسٽيشن ماستر آفيس ۾ شڪايت ڪئي پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو جنهن جي ڪري مسافرن احتجاج ڪري اسٽيشن مسافر جي آفيس جو گهيراءُ ڪيو،ان موقعي تي عمران، خدا بخش، سليم، عرفان ۽ ٻين ٻڌايو ته خانيوال کان پوءِ ٽرين جي پاور پلانٽ جي حالت خراب رهي، مسلسل ڪنڊيڪٽر گارڊ کي ٻڌائيندا رهياسين پر ڌيان نه ڏنو ويو، روهڙي ريلوي اسٽيشن تي پهچڻ باوجود ريلوي انتظاميا پاور پلانٽ صحيح نه ڪيو، جنهن جي ڪري معصوم ٻار، عورتون ۽ روزيدار سخت گرمي ۾ اذيت کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، مسافرن جي احتجاج باوجود انتظاميا بنا پاور درست ڪرڻ جي ٽرين کي ڪراچي طرف روانو ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button