مختصر خبرون

سکر: سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري خلاف سکر ۽ ڀرپاسي ۾ شٽرڊائون هڙتال ڪئي وئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ شٽرڊائون هڙتال ڪئي وئي، جنهن لاٰءِ جيئي سنڌ محاذ جيئي سنڌ تحريڪ، جسقم، ايس يو پي، ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن طرفان تير چوڪ، گهنٽه گهر، بس اسٽينڊ، پراڻي سکر ۽ ٻين علائقن ۾ الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،جيئي سنڌ محاذ جي خان محمد ڀيو، ريحان ڪاغذي، ثناءُ الله مهر جسقم جي غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو، مظهر عباسي، جست جي اڳواڻن نصير گوپانگ، ڊاڪٽر ڪشن لعل، نعمان چنه، عيدن جاگيراڻي، ۽ ٻين چيو ته سنڌ اندر هڪ سازش تحت ڌارين جي آبادڪاري ڪري سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر سندن ارادن کي ناڪام بڻايو ويندو، سنڌ حڪومت هوش کان ڪم وٺي امن امان جي خراب صورتحال جو سبب به ڌارين جي آبادڪاري آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button