مختصر خبرون

سکر جي بئنڪنگ ڪورٽ خيرپور جي ڊزن کان وڌيڪ باقيدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

خيرپور (انّا) سکر جي بئنڪنگ ڪورٽ خيرپور جي ڊزن کان وڌيڪ باقيدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، کين هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي پيش ڪرائڻ جو حڪم. تفصيل مطابق بئنڪنگ ڪورٽ ون سکر جي اسپيشل جج عبدالرحمان ڀٽي جي عدالت خيرپور جي مختلف علائقن مان بئنڪن مان قرض وٺي واپس نه ڪندڙن خلاف ڪاروائي تيز ڪندي هڪ ڊزن کان وڌيڪ جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي. جن جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن انهن ۾ تعلقه نارا جي ڳوٺ اڏوهي جو رهواسي قاسم ولد مبارڪ چانگ، احمدپور جا رهواسي محمد اڏيل ولد ساماڻو مڱڻيجو، مددالله ولد محمد مراد، نيڪ محمد ولد محمد اڏيل، قادريه آٽوز راڻيپور جي مالڪ غلام قادر ولد منير احمد مغل، ڳوٺ پير وسڻ جو رهواسي محمد امين ولد برڪت ڪانڌڙو، شوگر مل ڀرسان رهندڙ محمد بچل ولد قادر بخش مـڱڻيجو ۽ بهرام ولد علي مراد چنو شامل آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button