سکر

سکر: اي آر واءِ نيوز مٿان بندش خلاف ڇهين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو جاري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،سکر

سکر: اي آر واءِ نيوز مٿان بندش خلاف ڇهين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو جاري
سکر: اي آر واءِ نيوز مٿان بندش خلاف ڇهين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو جاري
اي آر واءِ نيوز مٿان بندش خلاف سکر جي صحافين ڪالهه ڇهين ڏينهن احتجاجي مظاهرو ڪيو، پي ايف يو جي جي مرڪزي سڏ تي سکر يونين آف جرنلسٽس ۽ سکر پريس ڪلب طرفان ڇهين ڏينهن به سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظااهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ لالا اسد پٺاڻ، جلال الدين ڀيو، نصرالله وسير، محب چانڊيو، سحرش کوکر، ڪرن مرزا، رابعه ڀٽي، قذافي شاهه ۽ ٻين وڏي انگ ۾ حصو ورتو، ان موقعي تي پيمراگردي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، مظاهري کي خطاب ڪندي لالا اسد پٺاڻ چيو ته ميڊيا تي پابنديون مڙهي سرڪار جنرل ضيا واري دور جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي آهي، هن اعلان ڪيو ته اڄ 5 جولاءِ تي ضياءُ دور ۾ ميڊيا مٿان پابنديون هڻڻ خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button