مختصر خبرون

سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي اديبن کي دعوت نه ملڻ ھنڱورجا ۾ مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
حضرت سچل سرمست جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ادبي ڪانفرنس ۾ اديبن ۽ شاعرن کي اڳواٽ شاعري ۽ مڪالا موڪلڻ واري فيصلي جي خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ گڏيجي ۽ راڻيپور پاران اديبن ۽ شاعرن مختيار چنو، قربان گل چنو، زين سولنگي، هوشو چنو، رحيم سولنگي، غلام حسين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي آڏو ثقافت کاتي جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي اڳواڻن چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت اهل اديبن ، شاعرن ۽ سچل شناس ماڻهن کي ادبي ڪانفرنس کان پري رکڻ لاءِ اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو ڪنهن به ريت قبول نه ڪيو ويندو اهڙو فيصلو واپس نه ڪيو ويو ته 10 جولاءِ تي قومي شاهراه تي درازا شريف وٽ ڌرڻو هنيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button