ھنڱورجا

سنڌ جي ھر شهر ۾ بدامني جو راڪاس ڦيرا ڏئي رهيو آهي ، ڪاظم علي شاهه لڪياري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
Kazim Shahفنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري فنڪشنل ليگ اڳواڻ برڪت شيخ جي پاران ڏنل افطار پارٽي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ مان امن جو پکي ڄڻ هميشه لاءِ اڏامي ويو آهي جو هر شهر ۾ بدامني جو راڪاس ڦيرا ڏئي رهيو آهي ڪوبه شهري پاڻ کي محفوظ نٿو سمجهي پر افسوس جو سنڌ حڪومت امن امان جي سلسلي ۾ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ طرف ڪوبه ڌيان نٿي ڏئي. سيد ڪاظم علي شاهه چيو ته وزيراعلي سنڌ جو ضلعو بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي گهرن ۾ ماڻهن جون عزتون به محفوظ ناهن رسول آباد ۾ ٿيل 4 عورتن واري سانحي جا جوابدار اڃان تائين آزاد آهن پوليس رڳو ڪمداري ڪرڻ ۾ رڌل آهي. پ پ جي گذريل پنج سالن جي دور ۾ ڪيل ڪرپشن سبب سنڌ کي 50 سال پوئتي ڌڪجي وئي آهي. سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجا ذاتي مفادات ختم ڪري ڌرتي جي لاءِ سوچڻو پوندو. سنڌ مالي وسيلن سان مالامال آهي پوءِ به غربت هتي گهڻي ڇو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button