آرٽيڪل

سنڌ جي تعليم جي بدتر صورتحال

انجنيئر سعيد ڀنڀرو
Saeed Bhanbhroسنڌ ۾ تعيلم جي بدتر صورتحال جي ڳالھ ته هرڪو ئي پيو ڪري پر ان جي بهتري لاءِ ڪو به عملي طرح ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڇو ته فقط تنقيد براءِ تنقيد اسان سنڌين جي فطرت آهي. هر سال سنڌ حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ 11اربن کان به وڌيڪ رقم رکي ٿي پر بجاءِ بهتري جي ڏينهون ڏينهن تعليم جي صورتحال بدتر ٿيندي پئي وڃي. سنڌ جا 30 سيڪڙو ٻار اهڙا آهن جيڪي پرائمري تعليم به نٿا پرائين۔ ۽ پنجين ڪلاس جي ٻارن مان 50 سيڪڙو ٻار پهنجي ٻولي کانسواءِ ٻي ٻولي پڙهي به نٿا سگهن۔ 5 کان 16 سالن تائين جي عمر جا 29 سيڪڙو ٻار اسڪول ئي نٿا وڃن۔ ان ڳالھ جو اعتراف خود تعليم جو صوبائي وزير ۽ سيڪريٽر به ڪري ٿو ته 50 سيڪڙو ٻار اسڪول نٿا وڃن. ان ڳالھ کان وڌيڪ نا اهلي ڪهڙي آهي جو وزير تعيلم به لاچاري ظاهر ڪري؟؟ سرڪار استادن کي ڀرتي ته ڪري ٿي پر شايد ان ڳالھ کان اڻ واقف آهي ته اهي اسڪول وڃن ئي ڪو نه. اڪثر پرائمري اسڪول مال جي واڙن ۽ وڏيرن جي گودامن ۾ تبديل آهن. پرائمري استاد پڙهائڻ بجاءِ سڄو ڏينهن تنظيمي ڪمن ۾ رڌل آهن. اگر بند پيل اسڪولن يا گوسڙو ماسترن بابت خبرون ميڊيا تي اچن به ٿيون ته انهن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي ٿئي ڇو ته انهن کي ڪنهن نه ڪنهن ايم پي اي يا پير مير صاحب جي پٺڀرائي حاصل هجي ٿي. اسان تعليم جي لحاظ کان اگر پاڻ کي پنجاب سان ڀيٽ ڪيون ته پنجاب جو تعليمي نظام اسان کان ڪافي بهتر آهي، اتي نه ته ڪاپي ٿئي ٿي ن ئي وري پيسن عيوض مارڪون ٿيون ملن. يونيسڪو جي تازي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ 30 لک ٻار اهڙا آهن جن ڪڏهن اسڪول جو منهن ئي ناهي ڏٺو. هي ته صرف پرائمري تعليم جي ڳالھ آهي پر اگر سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري تعيلم جي ڳالھ ڪجي ته اتي به صورتحال ساڳي آهي، ڪاپي ڪلچر ۽ سفارش ڪلچر تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. نائين ڪلاس کان وٺي ماسٽرس ليول تائين ڌماڌم سان ڪپي ٿي هلي. پرائيويٽ تعليمي ادارن به سرڪاري تعليمي ادارن جي ساک کي گهڻو نقصان رسايو آهي. استاد ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائڻ بجاءِ انهن کي ٽيوشن سينٽر تي پيسن عيوض پڙهائن ٿا. تازو ٿيل انڪشاف ۾ خيرپور ضلعي جا استاد پگهارون ته سرڪار کان ٿا وٺن پر ڊيوٽيون پرائيويٽ ادارن ۾ ٿا ڏين. اڪثر استاد ڪاليجن ۾ پڙهائڻ بجاءِ پهنجا ٽيوشن سينٽر کولي اتي پهنجي ڪاروبار کي مچايون ويٺا آهن. پرائيويٽ ادارا پهنجي ساک کي بچائڻ لاءِ رشوت عيوض مارڪون خريد ٿا ڪن ته جيئن انهن جو ادارو مشهور ٿئي.

اگر ڳالھ ڪجي هاير ايجوڪيشن جي ته اتي به ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھ ، تعليمي ادارن ۾ سياست درسگاهن جو تقدس پامال ڪري ڇڏيو آهي، ٽڪي ٽڪي جي ڳالھ تان پڙهائي جو بائيڪاٽ يونيورسٽين ۾ معمول بڻجي چڪو آهي. ڪڏهن شاگردن جو ڪڏهن استادن جو ۽ ڪڏهن وري هيٺين عملي جو بائيڪاٽ. استادن کي پهنجي پگهارن ۽ ٻين مسئلن جو ته وڏو ٽينشن آ پر سوين شاگردن جي مستقبل جو ذرو به فڪر ناهي. شاگردن جي تنظيمي جهيڙن سبب هر سال هڪ ٻه شاگرد پڻ قتل ٿين ٿا. ان صورتحال جي ئي ڪري دنيا جي 500 بهترين يونيورسٽين ۾ به پاڪستان جي ڪا يونيورسٽي شامل ناهي. اسان وٽ پي ايڇ ڊيز جي شديد کوٽ آهي. هاير ايجوڪيشن جي رپورٽ مطابق 2002 کان هيل تائين 11 سالن ۾ صرف 8 هزار اسڪالر پيدا ٿيا آهن. جن ۾ سنڌين جو تعداد صرف هڪ هزار آهي. اگر پهنجي پاڙيسري ملڪ انڊيا جي ڳالھ ڪيون ته اتي هڪ سال ۾ پي اڇ ڊيز جو تعداد 17 هزار کان به وڌيڪ آهي.

اسان وٽ ته ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ داخلا جو طريقي قار ئي غلط آهي، ڇو ته تعليم خاطي ۾ ايتري ڪرپشن آهي جو مارڪون پئسن عيوض وڪامجن ٿيون. هر پهچ وارو ماڻهو پئسن عيوض مارڪون وٺي ٿو ۽ جنهن جو به اي ون گريڊ هجي ان جي سليڪشن آسان ٿي وڃي ٿي. سو ان حصاب سان ميرٽ تي سمجهي ويندڙ سليڪشن بنا ميرٽ جي ٿئي ٿي. ان لاءِ ائين ٿيڻ گهرجي جو انٽري ٽيسٽ ۾ انٽر جي پرسنٽيج 40 مان گهٽائي 20 ڪئي وڃي ان سان ائين ٿيدنو ائين جو ميرٽ تي سليڪشن يقيني بڻجي ويندي. سنڌ ۾ ميڊيڪل توڙي انجنيئرنگ ۾ سيٽن جي ورهاست به آبادي جي تناسب سان ناهي، جيئن خيرپور ضلعي جي آبادي 20 لک کان وڌيڪ آهي پر ميڊيڪل جون سيٽون فقط 49 آهن. ان بابت 2009ع ۾ شبير شر هڪ پٽيشن داخل ڪئي هئي جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ خيرپور سکر ۽ گهوٽڪي جون سيٽون وڌائڻ جو حڪم ڏنو هيو، 6 فيبروري 2009 جي فيصلي ۾ هاءِ ڪورٽ هڪ لک جي آبادي تي 4 سيٽن واري تناسب سان خيپور جون سيٽون 42 مان وڌائي 66، سکر جون 31 مان وڌائي 48 ۽ گهٽڪي جون سيٽون 26 مان وڌائي 41 ڪرڻ جو حڪم ڏنو هيو. ان وقت جي سيڪريٽري صحت اهو چيو هيو ته ايندڙ سال ائين ڪيو ويندو پر ان ڳالھ کي به چار سال گذري چڪا آهن پر اڃان تائين ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ناهي ٿيو. هن وقت خيپور جي آبادي لک ڀڳ 25 لک آهي سو ان حصاب سان سيٽن جو تعداد به 100 هجڻ گهرجي.

سنڌ ۾ تعليمي نظام جي بهتري لاءِ اسان فقط اين جي اوز يا ٻين ادارن تي ڇو ٿا ڀاڙيون ؟ يا تعليمي نظام ۾ بهتري آڻڻ فقط سرڪار جي ذميواري آهي؟ ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته هاڻي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي تارڻ لاءِ اسان کي ٻين تي ڀاڻڻ جي بجاءِ پاڻ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ، اسان کي پهنجي پاڙي، ڳوٺ ۽ شهرن جي اسڪولن جي مالڪي ڪرڻي پوندي. هي اسان جو قومي اخالاقي ۽ شعوري فرض آهي ڇو ته تعليم جي ترقي سان ئي سنڌ جي خوشحالي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button