مختصر خبرون

سنڌ ترقي پسند پارٽي گمبٽ جو عھديدار جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
سنڌ ترقي پسند پارٽي گمبٽ جي اڳواڻن لڇمڻ داس ، بخشل گلال، نديم شيخ، وسيم ملاح، اجي ڪمار پنهنجي ساٿين سان گڏ جيئي سنڌ محاذ ضلعي خيرپور جي صدر ضمير ڀٽي، ارشاد چنو، محبت شنباڻي سان ملاقات ڪري ايس ٽي پي کي الوداع چئي جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جسم اڳواڻن ارشاد چنو، ضمير ڀٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جسم سربراهه رياض چانڊيو جي قيادت ۾ سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ هلندڙ جدوجهد کان متاثر ٿي ٻين پارٽين جا ڪارڪنن ڌڙا ڌڙ جسم ۾ شامل ٿي رهيا آهن. هنن چيو ته وزيرستان ۽ وانا جي تڙيلن کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ نه ڏنو ويندو. انهن جي روڪٿام لاءِ سخت احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button