مختصر خبرون

سنڌي ادبي سنگت شاخ کي بليڪ ميلر ڪوٺڻ خلاف مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
سنڌي ادبي سنگت شاخ گڏيجي پاران ثقافتي واري وزير شرميلافاروقي ادبي سنگت کي بليڪ ميلر ڪوٺڻ واري عمل جي خلاف هنڱورجا ۾ اديبن ، شاعرن ، صحافين مختيار چنو، زين سولنگي، رحيم سولنگي ، غلام حسين، قربان گل چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخي ناصر شاه کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. مظاهرين الزام لڳايو ته ثقافت کاتي جي وزير پنهنجي ڪرپشن کي لڪائڻ جي لاءِ ادبي سنگت کي بليڪ ميلر ڪوٺيو آهي. هن چيو ته اسان جو احتجاج شرميلافاروقي جي معافي وٺڻ تائين جاري رهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button