سکر

سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

سنڌين اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
سنڌين اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري منصوبي کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، سنڌ جا اصل وارث اسان آهيون، چونڊيل نمائندا بلا وجهه دعويدار بڻجي رهيا آهن، جيڪڏهن کين وزيرستان آپريشن دوران لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن سان ايتري همدردي آهي ته هو پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري ڪيمپون قائم ڪري متاثرن کي اتي ترسائين، سنڌ هاڻي وڌيڪ ٻوجهه برداشت ڪرڻ جي حق ۾ ناهي، سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومپرستن هميشه سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو، اڳ به ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون هينئر به هڪ منصوبا بندي تحت وزيرستان مان لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن کي سنڌ ۾ آندو پيو وڃي، پر سندن رستا روڪ ڪئي ويندي، سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي ڀرپور نموني مزاحمت ڪنداسين، ان ڏس ۾ اعلانيل احتجاجي تحريڪ ۾ جسقم جا ڪارڪن ڀرپور نموني شرڪت ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button