آرٽيڪل

“زندگي هڪ مسافري آهي”

وحيد رزاق مستوئي / مورو
Waheed Razaq Mastoiسنڌ جي سريلي سرزمين تي ڪيئي نامور شخصيتون آهن جن پنهنجي فني صلاحيتن سان پنهنجي ڌرتي جو نانءُ مٿانهون ڪيو آهي. انهن شخصيتن مان مرحوم استاد پنهل خان مستوئي به هڪ آهي. استاد پنهل خان مستوئي هڪ استاد جي حيثيت ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ۽ پنهنجي سچائي سان سنڌ جي خدمت ڪيائين. استاد سائين پنهل خان مستوئي تاريخ جو اهم باب هو جنهن کي ڪو به ماڻهو ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهندو، هن پنهنجي حياتي ۾ استاد، شاگرد، هارين، مزدورن مطلب ته زندگي جي هر شعبي جي ماڻهن سان تعلق رکيو، هن ننڍي هوندي کان ئي جيڪي غربت واريون حالتون ڏٺيون انهن جو من ۾ احساس ۽ جذبو هئس جنهن ڪري لڳاتار اڻٿڪ محنت ڪيائين ۽ نتيجي ۾ خانداني حيثيت کي مڃايائين نه رڳو اها حيثيت پاڻ تائين محدود رکيائين ليڪن مٽن مائٽن سنگتين ساٿين اوڙي پاڙي وارن ۾ به اهڙو جذبو جاڳايائين استاد هجڻ ڪري تر ۾ تعليمي شعور پکيڙڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيائين پاڻ نه رڳو بهترين استاد هو پر ڀلوڙ استاد جي سنگت کي اهميت ڏنائين ۽ انهن جي تعريف ڪيائين، جن ۾ حقيقي استاد واوا گُڻ هئا. ڏهيسر مڙس هو ۽ سڀ ڪجھ مُنهن تي چئي ڏيندو هو. اوطاق ۽ ڪچهري جو ڪوڏيو هو سنڌ ۾ بدامني واري دور ۾ به سياري اونهاري رات ڏينهن سندس اوطاق وسندي رهي. ماڻهو جي ماڻهپي جي ڄاڻ ۽ گفتگو ڪرڻ جو ڏانءُ هيس. ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو نه جهڪيو نه ئي جهول ڦهلايائين. خود اعتماديءَ جي ڪري زندگي جي آخري ساھ تائين اٽل ارداري ۽ حوصلي سان رهيو سندس اندر ۾ کوڙ سارا اڌما ۽ ارمان هئا جن کي لکڻ جي به ڪوشش ڪيائين پر هيڻائي جي ڪري ”آتم ڪٿا“ شروعاتي صفحن تي ئي محدود رهجي وئي. هن پنهنجي حياتي ۾ زندگي سان لاڳاپيل هر پاسي ۾ پاڻ کي آزمايو ۽ هميشھ سرخرو رهيو. سائين پنهل خان مستوئي هڪ بهترين استاد ان سان گڏ ڏکولين جو همدرد پنهنجي ڏات جي لاءِ بهترين گوارا هوندو هو سندس اسڪول ۾ پڙهائڻ جو انداز پنهنجو هوندو هيو، ايترو جو شاگرد ان جي پڙهائي مان مطمعن هوندو هو، اڪثر ڪري استاد پنهل خان مستوئي مائٽن جو وڌيڪ مائٽ دوستن جو پيارو دوست ۽ غريبن جو همدرد هوندو هيو. مونکي چڱي ريت ياد آهي ته مان ننڍي عمر ۽ بي سمجهي جي ڪري تمام گهڻو رولاڪ ۽ ڳوٺ جو پياسو هوندو هيس هڪ ڀيري ڳوٺ گهڻو وقت ترسڻ ڪري مونکي ڏاڏا سائين تمام گهڻو سمجهايو پر مون ان جي ڳالھ طرف ڪو به توجھ نه ڏنو جنهن تي ڏاڏا سائين ڪاوڙ ۾ اچي منهنجي پويان موٽر سائيڪل ڊوڙائي ته وڃ پنهنجي گهر وڃ انهي ڳالھ ڪرڻ جو اصل مقصد اهو آهي ته وڏي جي سمجهاڻي ۽ ڪاوڙ واري اظهار تي اڄ مان هڪ بهترين انسان واري زندگي گذاري رهيو آهيان نه رڳو بهترين زندگي پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي محنت سان هڪ بهترين صحافتي ذمينداري به نڀائي رهيو آهيان جنهن جو ڪريڊيٽ ڏاڏا سائين استاد پنهل خان مستوئي ڏانهن وڃي ٿو. استاد پنهل خان مستوئي پنهنجي ڳوٺ جي سڀني ٻارڙن کي ويهاري سمجهائيندو هيو ته پنهنجي پڙهائي طرف توجھ ڏئي هڪ بهترين مقام تي پهچڻ جي ڪوشش ڪجو ڪڏهن به ڪنهن جي دل آزاري نه ڪجو هميشھ پنهنجي ماءُ پيءُ ڀينر ڀائر آڙي پاڙي وارن سان پيار محبت ڪجو غريب مسڪين پورهيت مزدور جي مدد ڪجو. استاد پنهل خان مستوئي پنهنجي ڪجھ سمجهاڻين ۽ نصيحتن ۾ لکي ٿو ته؛ (ماٺ کي چڱو سمجهيو ويندو آهي گهڻي بڙ بڙ کي ننديو ويندو آهي)، (ماٺ وارو گهڻو ڪري صحيح سياڻو هوندو آهي)، (جڏهن ڳالهائجي ته ڳالهائڻ کان اڳ ان جو نتيجو سوچجي يعني سمجهي ڳالهائجي)، (پنهنجي پاڻ تعريف ڪرڻ ٽرڙائي جي نساني آهي)، ٻئي جي ملڪيت کائڻ جو نتيجو پنهنجي ضمير کي مردو بڻائڻ آهي اهڙي ماڻهو کان غيرت موڪلائجي وڃي ٿي)، (بي حيا جي رشتي کان ماڻهو اڪيلو چڱو آهي)، (ڪنهن جي تڪليف ۾ مدد ڪرڻ سخاوت ۾ شامل آهن(، پاڙي واري ننڍڙي دشمني پري واري وڏي دشمني کان وڌيڪ آهي)، (جيڪڏهن پنهنجو بينمڪو ٿئي ته اهڙو دشمن هزار سالن جي جدوجهد ۾ ٻيو تيار نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙي ريت استاد پنهل خان مستوئي جون نصيحتون عام ماڻهن کي هونديون هيون هن سدائين سچائي جي رستي تي هلڻ جو درس ڏيندو رهندو هيو. استاد پنهل خان مستوئي کي پنهنجي حياتي ۾ بهترين استاد جا ايوارڊ پڻ مليا. استاد پنهل خان مستوئي سندس نالي سان سڃاپندڙ ڳوٺ پنهل خان مستوئي ۾ پير بخش مستوئي جي گهر ۾ پيدا ٿيو ۽ 15-7-2005ع ۾ اوچتو ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا هئڻ ڪري دل بيهجي وڃڻ ڪري هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن کي سندس ابائي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. جڏهن ته سندس نقش قدم تي ڀائٽيا پٽ هلي رهيا آهن جن ۾ حاجي علي اصغر مستوئي هن وقت راڄ ڀاڳ جي اٿي ويٺي ۾ تمام گهڻو اڳتي آهي جيڪو نه صرف پنهنجي مٽن مائٽن جي ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪوشان آهي پر ان سان گڏ دوستن پاڙي سرين جي مسئلن کي حل ڪري امن محبت پيار سان هلڻ جو درس ڏيندو رهي ٿو حاجي علي اصغر مستوئي نه صرف نقش قدم تي هلي رهيو آهي پر ان سان گڏ تر جي هر مسئلي طرف توجھ ڏيندي ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو ان سان گڏ سندس وڏي ڀاءُ ولي داد خان مستوئي جو فرزند نوجوان اديب ليکڪ رزاق مستوئي ادبي دنيا ۾ تمام اڳتي نڪري چڪو آهي تعليمي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ نڀائي رهيو آهي سندس فرزند محمد سليم مستوئي پڻ نش قدم تي هلندي ماڻهن جي خدمت ۾ ڪوشان آهي جڏهن نني ڀاءُ مرحوم محمد موسى مستوئي جو فرزند اعجاز مستوئي پڻ استاد پنهل خان مستوئي جي ڏنل نصيحتن تي هلندي هر ڪنهن جي غم خوشيءَ ۾ شامل ٿيندو رهي ٿو، جڏهن ته استادپنهل خان مستوئي جي گذريل 9 سالن کان 15 جولاءِ تي هر سال ورسي سندن نالي تي قائم ڳوٺ پنهل خان مستوئي ۽ مورو ۾ سندس نالي تي جوڙيل (پنهل خان مستوئي يادگار سوسائٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي آهي ان کان پهريان استاد پنهل خان مستوئي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري ويندي آهي جنهن ۾ استاد جا شاگرد، شاعر اديب، دانشور، محقق، مٽ مائٽ دوست ساٿي رزاق مستوئي، شاعر عبدالله جيسر، صوفي غلام مصطفى ڪانڌڙو، اديب ليکڪ زاهد راڄپر، ليکڪ مظهر خاصخيلي، حاجي علي اصغر مستوئي، سردار محمد بخش عرف گلاب مستوئي، ڊاڪٽر خادم مستوئي، محمد سليم مستوئي، اعجاز مستوئي، عظيم سنڌي، هدايت ڏيپر، رضا لانگاھ، خالد ساحل ڪيريو، ڊاڪٽر ڪاشف مستوئي، پروفيسر آصف مستوئي نوجوان صحافي وحيد رزاق مستوئي، شاعر عزيز سولنگي، سڪندر ڪورائي، سڪندر جروار، رجب سولنگي، اختر لغاري، بشير احمد لغاري، سيد جعفر علي شاھ، نثار احمد مستوئي، غلام قادر، ڪامريڊ هاشم کوسو، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري، فدا حسين خاصخيلي، محمد افضل مستوئي ۽ ٻيا پڻ شرڪت ڪري استاد پنهل خان مستوئي جي زندگي تي روشني وجهندا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button