آرٽيڪل

رمضان شريف جو مقدس مهينو ۽ عوام مٿان مهانگائي جو ميزائل…..

وحيد رزاق مستوئي/مورو
وحيد رزاق مستوئي.1ڪنهن دور جي ڳالھ آهي ته رمضان شريف جي بابرڪت مهيني ۾ وڏو احترام ڪيو ويندو هيو ۽ هر شيءَ ۾ سستائي ڪئي ويندي هئي غريبن مسڪينن جو وڏو خيال رکيو ويندو هيو، جنهن جي گهر ۾ کائڻ پيئڻ جي لاءِ ڪجھ نه هوندو هيو ته ان جي سرندي وارا مدد ڪندا هئا ۽ رستي تان گذرندڙ بکايل جي بک ۽ اڃايل جي اُڃ ختم ڪئي ويندي هئي پر هن دور ۾ ته ڪير ڪنهن کان پڇڻ وارو ئي نه آهي هن مهانگائي جي دور ۾ اسان سڀني مسلمان ڀائرن مان ايمان نڪري ويو آهي ڪير ڪنهن جي درد ڏک جي خبر به نه ٿو رکي هر ڪو پنهنجي پيٽ پالڻ ۾ پورو آهي جڏهن ته مقدس ۽ فضليت وارو مهينو رمضان شريف جو مهينو وري پنهنجون رحمتون کڻي آيو آهي پر رمضان شريف جو بابرڪت مهينو شروع ٿيندي ئي مهانگائي جو ميزائيل توپ مان ٻاهر نڪري آيو آهي ۽ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهائڻ لڳندا آهن اُهي چوٽ چڙهيل اگهه رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ به عوام جو جيئڻ جنجال ڪري سندن رت چوسي وٺندا آهن. مورو شهر ۾ مارڪيٽ جي اگهن موجب ٻاڪرو گوشت 600 روپيه في ڪلو، ڪڪڙ جو گوشت 300 روپيه في ڪلو، ٽماٽا 60 کان 70 روپيه في ڪلو، بصر 30 کان 40 روپيه في ڪلو، پٽاٽا 60 کان 70 روپيه في ڪلو، ميها 50 کان 60 روپيه في ڪلو، ڪريلا 50 کان 60 روپيه في ڪلو، توري 70 کان 80 روپيه في ڪلو، ڀينڊيون 80 کان 90 روپيه في ڪلو. ادرڪ 300 کان 320 روپيه في ڪلو، ليما 100 کان 120 روپيه في ڪلو، گنوار 80 کان 100 روپيه ڪلو وري فروٽ ڏانهن رُخ ڪجي ۽ ڏسجي ته فروٽ جا اگهه به ڪي گهٽ نه آهن هتي وڏن جي ڪهاوتن جيڪڏهن تون سير آهين ته مان وري توکان وڌين سوا سير آهيان جيڪا عام طور تي وڏا اسان کي چوندا اچن پيا فروٽ جي ريٽن ۾ صوف 300 کان 320 رپيه في ڪلو، قتل 140 کان 160 روپيه في ڪلو. ڪيلا 60 کان 70 روپيه في درزن، ڦاروا 80 کان 100 روپيه في ڪلو، انب 70 کان 100 روپيه ڪلو، زردارو 80 روپيه ڪلو، چڪو 90 روپيه ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿيڻ لڳا آهن رمضان شريف جي هن بابرڪت مهيني ۾ ضلعي انتظاميه توڙي حڪومت طرفان مهنگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن. واپاري، دڪاندار ۽ ريڙهي وارا ڇڙواڳ ٿي پنهنجا من پسند ريٽ لڳائي عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ ڪري رهيا آهن. کانئس ڪير به پڇڻ وارو ئي نه آهي. اسان کي هميشھ وٽان اهو سبق مليو آهي ه رمضان شريف جي بابرڪت مهيني ۾ جيتريون به نيڪيون ڪجن اوتريون گهٽ آهن جڏهن ته هن بابرڪت رمضان شريف جي مهيني ۾ الله پاڪ پنهنجي ٻانهي جي دل جي هر دعا قبول ڪندو آهي ۽ جيڪي هن مهيني ۾ گناهه ڪن ٿا انهن کي اڳئين جهان ۾ سخت کان سخت سزا ڀوڳڻي پوندي. رمضان شريف جي مهيني ۾ گهڻي ڀاڱي مسلمان مسجدن جو رُخ ڪندا آهن ۽ پورو مهينو عبادتن ۾ مصروف رهندا آهن تنهن وقت ائين لڳندو آهي ڄڻ شيطان واقعي ئي بوتل ۾ بند ٿي ويو آهي پر حقيقت ۾ ائين نه هوندو آهي نيڪيون گڏ ڪندڙ جيڪي گهڻي ڀاڱي مسجدن ۾ نظر ايندا آهن اُهي ئي هن ڀلاري مهيني ۾ شين جا اگهه وڌائيندا آهن هن منهنگائي جي عذاب کي گهڻي ڀاڱي غريب طبقو ڀوڳي ٿو جيڪو مسڪين روضيدار پنهنجي پيٽ بکايل معصوم ٻارڙن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري پنهنجي جسم جو پگهر وهائي تغاري مٿي تي کڻي سڄو ڏينهن لوهه ڪُٽي، سڄو ڏينهن بَٺن جي چمنين ۾ ٽهڪي، سڄو ڏينهن ريڙهو ڌڪي، سڄو ڏينهن هوٽل تي ٻاهر واري ڪري، سڄو ڏينهن وزندار ٻوريون ڪلهي تي کڻي، سڄو ڏينهن سيمنٽ، ريتي، پٿر جون ٽرڪون ڀري ۽ لاهي انهيءَ سڄي ڏينهن ۾ ان مزدور پورهيت کي صرف 250 کان 300 روپيه تاريخ ڪمائي ملي اهو غريب مسڪين پنهنجي گهر ڇا کڻي ويندو هوندو. مورو ميڊيا سينٽر جا صحافي سڀني کان سوال ٿا ڪن ته.؟ ڇا انهن کي اها خبر نه آهي ته غريب روضيدار جڏهن گهر واپس ويندو افطاري جي وقت جڏهن هن جي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو ته هن جي دل مان ڪهڙي آهه نڪرندي ۽ ذهن تي ڇا تاري هوندي يا ان جي معصوم ٻارڙن جي دلين مان ڪهڙي آهه نڪرندي شايد ان جو انهن ماڻهن کي احساس ئي نه آهي جيڪي معمولي منافعي خاطر انسانيت جي خدمت جهڙي عظيم پيشي کي وساري پنهنجو ضمير وڪڻي ويهندا آهن هي غريب پورهيت مزدور انهن کان اهو سوال ٿا پڇن ته اهي اهو ٺڳي سان ڪمايل پئسو، غريبن کان ڦرلٽ ڪيل پئسو ڪيترا ڏينهن هلائيندا هوندا…؟ اها حڪمرانن جي به نا اهلي آهي جو اُهي مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرائي سگهيا آهن جنهن جي ڪري هر ماڻهو ان مان ناجائز فائدو وٺي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت طرفان لڳايل هر شهر ۾ يوٽيلٽي اسٽورن ۾ به غريب مسڪين ماڻهن کي ڪو ريليف نه ڏنو ويو يوٽيلٽي اسٽورن تي به ڪنهن به قسم جي شيءَ سستي اگھ ۾ نه ٿي ڏني وڃي هر شيءَ جو ريٽ پهنجو پنهنجو مقرر ڪيل آهي کنڊ جي سهولت هوندي هئي سابه هن مهيني سستي اگھ تي نه ڏني وئي آهي هڪ طرف حڪومت عوام سان واعدا ٿي ڪري ته اسان غريبن پورهيتن هارين نارين مزدورن جا همدرد آهيون انهن کي هر سهولتون ڏنيون وينديون هڪ ته رمضان شري جي ڀلاري مهيني ۾ ڪنهن به قسم جي مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي مٿان وري هر روز هر شيءَ جا اگھ چوٽ چاڙهيا پيا وڃن جيڪڏهن اسان وٽ سٺا حڪمران هجن ها ته ڪنهن کي به ڪو غير قانوني قدم کڻڻ جي همت نه ٿئي ها. اهڙي صورتحال ۾ حڪمرانن کي هاڻ سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ هن رمضان شريف جي بابرڪت مهيني ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سخت اُپاءُ وٺڻ گهرجن هتان چونڊجي اقتدار جي ڪرسين تي پهچندڙن به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو تڪ جا ماڻهو وڏي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن تڪ مان چونڊجي ويل ايم اين اي ۽ ايم پي اي پنهنجن وڏين گاڏين بنگلن ۽ اسيمبلين جي اندر ڪرسين تي مزا ماڻي رهيا آهن انهن کي هتان جي عوام تي رحم نه آهي نه ئي ڪا سوچ آهي ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته هتان چونڊجي ويل نمائنده ايم اين اي غلام مرتضى خان جتوئي جيڪو هن وقت صنعت و تجارت جو وفاقي وزير آهي ۽ ايم پي مسرور احمد جتوئي ايم پي اي عاقب خان عرف غلام رسول خان جتوئي هن طرف توجھ ڏئي عوام جي سهولت لاءِ شهر ۾ نڪري اچي هر شيءَ جا اگھ معلوم ڪن ته جيئن انهن کي به معلوم ٿئي ته غريب مسڪين پورهيت مزدور طبقو سڄو سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري ڪيئن ٿو وقت گزاري ۽ هن جي گهر جو چرخو ڪهڙي ريت هلي رهيو آهي پر اسان جي چونڊيل نمائندن وٽ ٽائيم ڪٿي آهي جو هن تڪ جي عوام جا مسئلا ٻڌي ۽ انهن تي توجھ ڏيندي حل ڪرائي سگهن هن ساهتي ضلعي ۾ جيتري قدر ذخيره اندوزي ٿئي ٿي سايد ٻئي ڪنهن به شهر ۾ نه ٿيندي هجي هر ماڻهو ذخيره اندوزي ڪري ٿو ان ذخيره اندوزي ۾ هتان جا بال آفيسر پڻ ملوث آهن ان ڪري هاڻي تڪ جي چونڊيل نمائندن، ڪامورن کي ايئرڪنڊيشن ڪمرن کان ٻاهر نڪري مارڪيٽن ۾ وڃڻو پوندو ۽ هر هنڌ تي ڌسڻو پوندو ته ڪو واپاري ڪٿي ناجائز فائدو ته نه وٺي رهيو آهي. اڪثر ڪري واپاري طبقو رمضان شريف جي مهيني کان اڳ شين جو ذخيرو ڪندا آهن ته جيئن هو رمضان شريف جو مهينو شروع ٿيندي ئي ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن اهڙن ذخيرو ڪندڙ واپارين جي گودامن تي ڇاپا هنيا وڃن انهيءَ سان گڏوگڏ مارڪيٽ جي روزاني صورتحال معلوم ڪئي وڃي ان حوالي سان مئجسٽريٽرن کي به با اختيار بڻايو وڃي هي مهينو رحمتن وارو ۽ ڀلارو مهينو آهي انهيءَ رحمتن واري ڀلاري مهيني ۾ ماڻهن کي دل وڏي ڪري غريب طبقي جي خدمت ڪرڻ گهرجي ۽ حقيقي پورهيو ڪمائڻ گهرجي پر الاءِ ڇو اسان جي معاشري ۾ اڪثر دڪاندار، واپاري ۽ ريڙهي وارا رمضان شريف واري ڀلاري مهيني ۾ ئي شين جا اگهه وڌائيندا آهن جيڪي اهڙيون حرڪتون ڪن ٿا انهن کي خدا جو خوف کائڻ گهرجي انهن کي حقيقي اگهه وٺڻ گهرجن جيڪي مارڪيٽ موجب هجن واپارين کي حڪومت سان سهڪار ڪرڻ گهرجي جيئن غريب عوام کي وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي حڪومت کي به ان حوالي سان واپارين سان ملي ايڪشن کڻڻ گهرجي جيئن ڪو فائدو نه وٺي سگهي ۽ غريب مسڪين پورهيت مزدور طبقو ان مان ڪجھ فائدو حاصل ڪري سگهي ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گذر بهتر نموني سان ڪري سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button