ھنڱورجا

رسول آباد واقعو: ڏوهاري پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا، قانون اڃان تائين چرپر ۾ نه آيو، ڪيس داخل

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا

رسول آباد واقعو: ڏوهاري پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا، قانون اڃان تائين چرپر ۾ نه آيو، ڪيس داخل
رسول آباد واقعو: ڏوهاري پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا، قانون اڃان تائين چرپر ۾ نه آيو، ڪيس داخل

رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ بابو ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ 4 عورتن سان اجتماعي لڄالٽ واري سانحي ۾ ملوث ڏوهاري پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا، قانون اڃان تائين چرپر ۾ نه آيو متاثرين کي قتل جي ڌمڪين جو سلسلو به جاري، 6 هين ڏينهن رسول آباد جو ڪاروبار نه کليو، شهر ۾ شٽربند هڙتال، ميمڻ اتحاد جي سڏ تي سڄي سنڌ مان ميمڻ برادري جا قافلا رسول آباد پهتا، ميمڻ اتحاد جي سرپرست ۽ اين پي سي ايڇ آءِ جي سربراهه بابو ميمڻ جي گهر متاثر نياڻين کي اجرڪ پهرائڻ لاءِ پهتا ته ماحول ڏکارو ٿي ويو ، رزاق ميمڻ سميت اتي موجود ماڻهن پنهنجن لڙڪ روڪي نه سگهيا، سوين ماڻهن رسول آباد کان احتجاجي جلوس ڪڍي هنڱورجا قومي شاهراه تي 5 ڪلاڪ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو ، ٽائرن کي باهيون، مڇريل ماڻهن پوليس خلاف مسلسل نعريبازي ڪندا رهيا. 6 ڄڻا شديد گرمي ۽ روڊ جي تپش جي ڪري بيهوش ، ڌرڻي واري هنڌ فنڪشنل ، جسقم، ايس ٽي پي، جسم سميت مختلف سياسي سماجي ، ادبي تنظيمن جا سوين ڪارڪن موجود، ايس ايس پي خيرپور پاران متاثرن جي مرضي موجب ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ ملوث 7 ئي جوابدارن کي گرفتاري ڪري سخت سزا ڏيڻ جي يقين دهاني تي ڌرڻو ختم، ميمڻ اتحاد پاران سانحي جي خلاف 13 جولاءِ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻڻ جو اعلان. هنڱورجا ۾ رٿيل سڀاڻي واري هڙتال ملتوي.
تفصيلي رپورٽ موجب رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ پريل بابو ميمڻ جي گهر ۾ 7 هٿياربندن پاران 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان لڄالٽ ڪري لکين روپين جو ڌاڙو هڻندڙ وحشي صفت انسان اڃان تائين پوليس جي گرفت ۾ نه اچي سگهيا. جوابدار پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا ۽ پوليس ننڊ جون گوريون کائي سمهي پئي. عورتن سان ٿيل درندگي واري واقعي خلاف 6 هين ڏهاڙي به رسول آباد شهر جو ڪاروڪار کلي نه سگهيو. شهر جو سمورو ڪاروبار مڪمل طور تي بند رهيو. جڏهن ته سنڌ ميمڻ اتحاد جي سڏ تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ميمڻ برادري جا قافلا حاجي عبدالرزاق ميمڻ، احمد ميمڻ ،قمر الدين ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رسول آباد پهتا، سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراهه حاجي عبدالرزاق ميمڻ ۽ اين پي سي آءِ ايڇ جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ جڏهن ظلم جو شڪار ٿيل نياڻين جي گهر پهچي انهن جي مٿي تي اجرڪ اوڍايا ته ماحول انتهائي ڏکارو ٿي ويو ۽ عبدالرزاق ميمڻ سميت اتي موجود ماڻهو پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيا. بعد ۾ ميمڻ اتحاد جي سربراهه حاجي عبدالرزاق ميمڻ ۽ امن ڪميشن جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ميمڻ برادري جي سوين ماڻهن گاڏين جي جلوس ۾ رسول آباد کان هنڱورجا پهچي پريس ڪلب جي سامهون قومي شاهراه تي ٽينٽ هڻي احتجاجي ڌرڻي جي ڪئمپ قائم ڪري ورتي. قومي شاهراه تي لڳل ڌرڻي سبب ڪراچي کان پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ 5 ڪلاڪن تائين معطل ٿي وئي. جنهن جي ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان هزارين گاڏيون بيهجي ويون. مڇريل مظاهرين مسلسل پوليس انتظاميه ۽ جوابدارن جي خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا.
3201 (557x599)
شديد گرمي ۽ نٽهڻ اس ۽ روڊ جي تپش جي ڪري عزيز ميمڻ، قمر ميمڻ، حبيب الرحمان ميمڻ سميت 6 مظاهرين بيهوش ٿي ويا. مظاهري ۾ شامل روزيدار سخت پريشان رهيا جڏهن ته ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاءِ ايس ايڇ او هنڱورجا امانت علي بروهي، ايس ايڇ او راڻيپور صبغت الله جتوئي، ايس ايڇ او سيٺارجا امام بخش مٺياڻي، ايس ايڇ او ٺري ميرواهه مير امداد ٽالپر پهچي مظاهرين کي ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ منٿون ڪيون پر مظاهرين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان مڪمل طور تي کتو جواب ڏئي ڇڏيو. ڌرڻي واري هنڌ فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي خيرپور جو صدر سيد محرم علي شاهه، ايڊوڪيٽ نثار احمد ڀنڀرو، جسقم اڳواڻ ڪرم سامٽيو، مجيب ڀيلار، جسم جي ضلعي اڳواڻ ارشاد چنو، سجاد حسين سولنگي، سرمد رند، اين پي سي آءِ ايڇ جي محمد صالح سولنگي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پهچي يڪجهتي طور ڌرڻي ۾ شامل ٿي ويا. احتجاجي ڌرڻي ۾ موجود عبدالرزاق ميمڻ ، ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ ، عزيز ميمڻ، اسلم ميمڻ، قمر ميمڻ، هاشم ميمڻ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خيرپور ضلعي ۾ انڌير ننگري چرٻٽ راجا وارو قانون هلي رهيو آهي جو 46 ڏينهن سانحي کي گذري ويا آهن پر پوليس اڃان تائين ڪوڙا ڏٽا ڏئي رهي آهي ته جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. جوابدار جيڪي چار عورتن سان وحشياڻي انداز ۾ لڄالٽ ڪرڻ بعد به آزاد گهمي رهيا آهن هنن چيو ته ميمڻ برادري جي ماڻهن سان انتهائي ظلم ۽ بربريت ڪئي پئي وڃي. پر وزيراعلي سنڌ سميت اعلي اختياريون خاموش تماشائي بڻيل آهن. اڄ ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ميمڻ هتي هنڱورجا ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن پر پوليس انتظاميه جو ڪوبه اعلي عملدار هتي اچي ڳاليهون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي .حاجي عبدالرزاق ميمڻ اعلان ڪيو ته 13 جولاءِ تي سڄي سنڌ ۾ 4 عورتن سان ٿيل لڄالٽ واري سانحي جي خلاف پريس ڪلب جي آڏو ميمڻ برادري جا ماڻهو احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻندا. 5 ڪلاڪ جي ڌرڻي کان پوءِ ايس ايس پي خيرپور عثمان غني صديقي ڌرڻي ۾ موجود حاجي عبدالرزاق ميمڻ سان رابطو ڪري کيس کي يقين ڏياريو ته پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ لڄالٽ واري واقعي جي متاثر جي مرضي مطابق ايف آءِ آر داخل ڪري ان ۾ ملوث ڄاڻايل سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جون ٽيمون مقرر ڪري ڇڏيون آهن . ايس ايس پي جي اهڙي يقين دهاني کان پوءِ ميمڻ برادري پاران لڳل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

HR
8857 (640x203)
رسول آباد سانحي جي حوالي سان هيومن رائٽس پاڪستان جي اسپيشل ٽاسڪ فورم سکر جي شاڪر جمالي، ايڊوڪيٽ منظور حسين لاڙڪ، سماجي تنظيم سڌارپو جي عاشيا کنڊ، سعديا جويو، ارم فاطما جي اڳواڻي ۾ 10 کان وڌيڪ عورت ۽ مرد وڪيلن رسول آباد پهچي بابو ميمڻ جي گهر ۾ لڄالٽ جو شڪار ٿيل 4 عورتن سان ملاقات ڪري کين کان تفصيل معلوم ڪيا. هنن ٻڌايو ته عورتن سان وڏو ناحق ڪيو ويو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي ان سڄي معاملي ۾ پوليس جو ڪردار مشڪوڪ نظر اچي ٿو. پوليس پهرين ئي ڏينهن کان عورتن سان لڄالٽ واقعي کي لڪائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ اهوئي سبب آهي جو ان وقت جي ايس ايڇ او لڄالٽ جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران صرف چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪئي جيڪا وڏي ناانصافي آهي اسان پنهنجي پنهنجي فورم تي هن معاملي کي دنيا جي انساني حقن وارين تنظيمن توڙي عالمي سطح تائين آواز اٿارينداسين.

4 case
هنڱورجا ٿاڻي تي رسول آباد سانحي ۾ هوٽل مالڪ بابو ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ 4 عورتن مسمات شازيا، آسيا، سپنا ۽ ڪائنات سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فريادي پريل ميمڻ پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ اعجاز خاصخيلي، سليم سهتو ، رفيق سهتو، لالو سامٽيو ۽ 3 نامعلوم ماڻهن سميت 7 ماڻهن کي جوابدار ڄاڻايو ويو آهي. پريل ميمڻ پنهنجي فرياد ۾ ڄاڻايو آهي ته 7 هٿياربند ذبردستي گهر ۾ گهڙي سڀني گهر ڀاتين مٿان وحشياڻو تشدد ڪري 4 عورتن سان اجتماعي لڄالٽ ڪرڻ بعد لکين روپين جي ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا. هنڱورجا پوليس مٿين 7 ئي جوابدارن جي خلاف گناهه نمبر 68 . 2014 قلم 7 اي، 395،376بي،452،342 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پريل ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته واقعي جي اڳ ۾ ڪيل ايف آءِ آر پوليس پنهنجي مرضي تحت داخل ڪئي هئي جڏهن ته اڄ مان پنهنجي مرضي موجب ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي. هن ٻڌايو ته مون سان وڏو ناحق ڪيو ويو آهي. 4 عورتن سان اجتماعي ڏاڍائي ۽ لکين روپين جو ڌاڙو هڻي جوابدارن وڏو ظلم ڪيو آهي اهڙن ظالمن جي خلاف آخري دم تائين جهاد ڪندس. هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته لڄالٽ واقعي جي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي. واضع رهي ته پريل ميمڻ پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل 4 سڃاتل جوابدارن مان سليم سهتو ۽ رفيق سهتو پوليس وٽ گرفتار ڪيل آهن جڏهن ته 2 جوابدار اعجاز خاصخيلي ۽ لالو سامٽيو سميت 5 جوابدار اڃان تائين پوليس جي پڪڙ کان آجا آهن. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او هنڱورجا امانت علي بروهي ٻڌايو ته 5 جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن انهن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.
5 Hingorja Strike
رسول آباد سانحي جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ هنڱورجا جي واپارين ، سماجي تنظيمن، سنڌ ميمڻ اتحاد سميت ٻين مختلف تنظيمن پاران اعلانيل سڀاڻي واري شٽربند هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو آهي . هن ڏس ۾ اڳواڻن چيو ته گهر ڌڻي بابو ميمڻ جي مرضي موجب ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪري اڄوڪي هڙتال وارو سڏ واپس ورتو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button