ھنڱورجا

رسول آباد: نفيسا شاھ ۽ مھرين ڀٽو جي ڊيس پي پي ڇنڊ، عورتن پاران پاڻ ساڙن جو چتاءُ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا

رسول آباد واقعو: نفيسا شاھ ۽ مھرين ڀٽو جي ڊيس پي پي ڇنڊ، انصاف نه ملڻ صورت ۾ عورتن پاران پاڻ ساڙن جو اعلان
رسول آباد واقعو: نفيسا شاھ ۽ مھرين ڀٽو جي ڊيس پي پي ڇنڊ، انصاف نه ملڻ صورت ۾ عورتن پاران پاڻ ساڙن جو اعلان

رسول آباد ۾ محمد پريل بابو ميمڻ جي گهر ۾ لڳل لکين روپين جي ڌاڙي ۽ 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان اجتماعي ڏاڍائي جون مسلسل ميڊيا تي خبرون اچڻ کان پوءِ نيٺ حڪمران جماعت جي عورت ايم اين ايز رسول آباد پهچي ويون. وزيراعلي سنڌ جي نياڻي نفيسا شاه جيلاني واقعي جا جوابدار اڃان تائين گرفتاري نه ٿيڻ تي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز کي ڇنڊ پٽي ۽ محمد پريل کي گهر تعمير ڪرائي ڏيڻ جو اعلان، ايس ايس پي خيرپور کي فون ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ جي هدايت، ايم اين اي مهرين ڀٽو واقعي جي مذمت ڪندي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي. متاثر عورتن جي نفيسا شاه ۽ مهرين ڀٽو جي آڏو انصاف لاءِ روئي ويٺيون ۽ انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي آڏو پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پيرائتي رپورٽ موجب رسول آباد ۾ 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان ٿيل اجتماعي ڏاڍائي ۽ پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل لکين روپين جي ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جي خلاف مسلسل ميڊيا ۾ خبرون اچڻ کان پوءِ وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه جي نياڻي ايم اين اي سيد نفيسا شاهه جيلاني ڪراچي کان رسول آباد پهچي پريل ميمڻ جي گهر ۾ متاثر 4 نياڻين سان بند ڪمري ۾ واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا ان دوران سيد نفيسا شاه ڊي ايس پي گمبٽ گل حسن جتوئي ايس ايڇ او هنڱورجا امانت علي بروهي ، ايس ايڇ او ٺري ميرواهه مير امداد ٽالپر کي طلب ڪري سندن کي جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ڪرڻ تي ڇنڊ پٽي جڏهن ته متاثر عورتن ۽ پريل ميمڻ نفيسا شاه آڏو پوليس خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا ۽ دانهيو ته پوليس پهرين ڏهاڙي کان وٺي ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ ۾ رڌل آهي جنهن تي سيد نفيسا شاه پوليس عملدارن سان مخاطب ٿيندي کين چيو ته 40 ڏينهن گذري ويا آهن اوهان جوابدار گرفتار ڇوناهن ڪيا. بعد ۾ نفيسا شاه ايس ايس پي خيرپور عثمان غني صديقي کي فون ڪري هدايت ڪئي ته جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي اندر گرفتار ڪيو وڃي ۽ پريل ميمڻ جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪيس کي خراب ڪندڙ پوليس عملدارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. سيد نفيسا شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثر عورتن جي جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ پريل ميمڻ جي گهر آڏو پوليس پڪٽ مقرر ڪرڻ ۽ پريل ميمڻ جو گهر سرڪاري خرچ تي ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته رسول آباد سانحي تي تمام گهڻو دلي صدمو رسيو آهي ۽ وزيراعلي سنڌ معاملي جو پڻ نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته نياڻين سان انتهائي وڏو ظلم ۽ بربريت وارو واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ ملوث جوابدر اڃان تائين گرفتار نه ٿيا آهن انهن کي فوري گرفتار ڪرايو ويندو هن چيو ته مون ايس ايس پي خيرپور کي چيو آهي ته ايس ايڇ او مير امداد ٽالپر سموري معاملي کي خراب ڪيو آهي ان کي وري جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن سان جوابدارن کي فائدو رسندو ان ڪري ان ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. نفيسا شاه وڌيڪ چيو ته پريل ميمڻ جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان جي تحفظ جي لاءِ گهر آڏو پڪٽ قائم ڪئي ويندي. واقعي ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ڪرڻ جي لاءِ تڪڙا قدم کنيا ويندا. سيد نفيسا شاهه ان موقعي تي اتي موجود پ پ جي جيالن کان پڇاڻو ڪندي چيو ته اوهان پريل ميمڻ جي هن وقت تائين مدد ڇو ناهي ڪئي. هن سان گڏ پ پ اڳواڻ الهرايو چنو، غلام عباس ڪٻر، غلام عباس راڄپر ۽ ٻيا گڏ هيا. وڏانهن پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو رسول آباد پهچي متاثر عورتن سان ملاقات ڪري کين کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته افسوس ناڪ واقعو ٿيو آهي جوابدارن گرفتار ناهن ٿيا جنهن تي آئون احتجاج ڪريان ٿي آئون وزيراعلي سنڌ سان ملاقات ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چوندس. هن چيو ته عورتن جي مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرايا وڃن ٿا. هاڻي اهڙيون ذيادتيون بند ٿيڻ گهرجن. رسول آباد سانحي ۾ وڏي سازش تحت پهرين ڏهاڙي تي ميڊيڪل چيڪ اپ نه ڪرائي ڏوهه جا پيرا ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڏوهاري ڪيترا به بااثر ڇون هجن انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي. ڊاڪٽر مهرين وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نياڻين سان اهڙو ناحق ڪندڙ جوابدارن کي عبرتناڪ سزائون ملڻ گهرجن.
 رسول آباد ۾ 4 عورتن سان لڄالٽ ۽ پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سول آباد ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جي سڏ تي عيسا ميمڻ، انور سهتو، هاشم ميمڻ، عطيق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي مظاهرين الزام لڳايو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي.هوڏانهن هنڱورجا ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد نثار حسين شاهه جي هدايتن تي شاه لطيف فائونڊيشن جي ڪارڪنن صاحب خان شيخ، آصف راڄپر، غلام عباس ويسر، غلام مهدي، ڪليم جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي هڪ ڪلاڪ تائين روڊ بند ڪري ڇڏيو. مڇريل مظاهرين پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هيا ان موقعي تي مظاهرين الزام لڳايو ته ظالمن رسول آباد جي 4 نياڻين سان اجتماعي لڄالٽ ڪري سنڌ جي تاريخ کي داغدار بڻائي ڇڏيو آهي اهڙن وحشي درندن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو جوابدار گرفتار ڪري متاثرن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. بعد ۾ شاهه لطيف فائونڊيشن جا اڳواڻ صاحب خان شيخ جي اڳواڻي ۾ رسول آباد متاثر نياڻين وٽ پهچي ڀٽ شاهه جي گادي نشين پاران موڪليل اجرڪون نياڻين کي اوڍايون. رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ بابو ميمڻ جي گهر ۾ لڳل لکين روپين جي ڌاڙي 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ واري سانحي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مسلسل هلندڙ احتجاج کان پوءِ هنڱورجا پوليس روايتي انداز ۾ ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار اعجاز خاصخيلي جي گرفتاري لاءِ رسول آباد لڳ ڳوٺ دلاور خاصخيلي تي چڙهائي ڪري جوابدار اعجاز خاصخيلي جي گهر تي ڇاپو هنيو پر جوابدار پوليس کي هٿ اچي نه سگهيو ۽ پوليس واپس موٽي آئي .هوڏانهن رسول آباد سانحي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي خيرپور پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم جي پوليس عملدارن مان ڪنهن به آفيسر اڃان تائين رسول آباد پهچي تفصيل معلوم ڪيا نه ئي وري ڪا حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. جڏهن ته ايس ايڇ او هنڱورجا امانت علي بروهي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر جوابدار اڃان تائين هٿ اچي نه سگهيا آهن. جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي متاثر 4 عورتن شازيا، آسيا، ڪائنات ۽ سپنا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جون عزتون لٽيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦاهي تي نه ٽنگيو ويو ته اسان ڪراچي پريس ڪلب جي آڏو اجتماعي طور تي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينديوسين. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کي معاملي جي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي جڏهن ته هوٽل مالڪ پريل ميمڻ ٻڌايو ته ٻي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ مختلف موبائل نمبرن تان ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن. مون سان تمام وڏي ناانصافي ٿي آهي جوابدارن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.  رسول آباد ۾ 4 عورتن سان اجتماعي ڏاڍائي ۽ پريل ميمڻ ج گهر ۾ لڳل ڌاڙي واقعي کي اڄ 47 ڏينهن گذري ويا آهن پر حد جو ڊي ايس پي گمبٽ گل حسن جتوئي 47 ڏينهن کان پوءِ اڄ ايم اين اي نفيسا شاه پاران طلب ڪرڻ تي رسول آباد پهتو هن کان اڳ مزڪورا ڊي ايس پي گمبٽ پنهنجي حد ۾ ٿيل ايڏي وڏي سانحي جي متاثرين سان ملڻ توڙي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ رسول آباد اچڻ جي زحمت به ناهي ڪئي. ڊي ايس پي گمبٽ گل حسن جتوئي ميڊيا کي ٻڌايو ته رسول آباد سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ پوليس پنهنجيون ڪوششون ڪري رهي آهي. باقي مون کي تمام گهڻا ڪم هيا جنهن جي ڪري متاثرين وٽ پهچي نه سگهيو آهيان.

رسول آباد ۾ 4 عورتن سان لڄالٽ ۽ پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سول آباد ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جي سڏ تي عيسا ميمڻ، انور سهتو، هاشم ميمڻ، عطيق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي مظاهرين الزام لڳايو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي.هوڏانهن هنڱورجا ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد نثار حسين شاهه جي هدايتن تي شاه لطيف فائونڊيشن جي ڪارڪنن صاحب خان شيخ، آصف راڄپر، غلام عباس ويسر، غلام مهدي، ڪليم جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي هڪ ڪلاڪ تائين روڊ بند ڪري ڇڏيو. مڇريل مظاهرين پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هيا ان موقعي تي مظاهرين الزام لڳايو ته ظالمن رسول آباد جي 4 نياڻين سان اجتماعي لڄالٽ ڪري سنڌ جي تاريخ کي داغدار بڻائي ڇڏيو آهي اهڙن وحشي درندن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو جوابدار گرفتار ڪري متاثرن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. بعد ۾ شاهه لطيف فائونڊيشن جا اڳواڻ صاحب خان شيخ جي اڳواڻي ۾ رسول آباد متاثر نياڻين وٽ پهچي ڀٽ شاهه جي گادي نشين پاران موڪليل اجرڪون نياڻين کي اوڍايون.
رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ بابو ميمڻ جي گهر ۾ لڳل لکين روپين جي ڌاڙي 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ واري سانحي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مسلسل هلندڙ احتجاج کان پوءِ هنڱورجا پوليس روايتي انداز ۾ ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار اعجاز خاصخيلي جي گرفتاري لاءِ رسول آباد لڳ ڳوٺ دلاور خاصخيلي تي چڙهائي ڪري جوابدار اعجاز خاصخيلي جي گهر تي ڇاپو هنيو پر جوابدار پوليس کي هٿ اچي نه سگهيو ۽ پوليس واپس موٽي آئي .هوڏانهن رسول آباد سانحي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي خيرپور پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم جي پوليس عملدارن مان ڪنهن به آفيسر اڃان تائين رسول آباد پهچي تفصيل معلوم ڪيا نه ئي وري ڪا حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. جڏهن ته ايس ايڇ او هنڱورجا امانت علي بروهي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر جوابدار اڃان تائين هٿ اچي نه سگهيا آهن. جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ٻئي پاسي متاثر 4 عورتن شازيا، آسيا، ڪائنات ۽ سپنا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جون عزتون لٽيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦاهي تي نه ٽنگيو ويو ته اسان ڪراچي پريس ڪلب جي آڏو اجتماعي طور تي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينديوسين. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کي معاملي جي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي جڏهن ته هوٽل مالڪ پريل ميمڻ ٻڌايو ته ٻي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ مختلف موبائل نمبرن تان ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن. مون سان تمام وڏي ناانصافي ٿي آهي جوابدارن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان اجتماعي ڏاڍائي ۽ پريل ميمڻ ج گهر ۾ لڳل ڌاڙي واقعي کي اڄ 47 ڏينهن گذري ويا آهن پر حد جو ڊي ايس پي گمبٽ گل حسن جتوئي 47 ڏينهن کان پوءِ اڄ ايم اين اي نفيسا شاه پاران طلب ڪرڻ تي رسول آباد پهتو هن کان اڳ مزڪورا ڊي ايس پي گمبٽ پنهنجي حد ۾ ٿيل ايڏي وڏي سانحي جي متاثرين سان ملڻ توڙي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ رسول آباد اچڻ جي زحمت به ناهي ڪئي. ڊي ايس پي گمبٽ گل حسن جتوئي ميڊيا کي ٻڌايو ته رسول آباد سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ پوليس پنهنجيون ڪوششون ڪري رهي آهي. باقي مون کي تمام گهڻا ڪم هيا جنهن جي ڪري متاثرين وٽ پهچي نه سگهيو آهيان.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button