ھنڱورجا

رسول آباد واقعو: جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا، بشير خان قريشي جي وني متاثرعورتن کي اجرڪون اوڍايون

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،هنڱورجا

ھنڱورجا: جسقم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري متاثر عورتب کي اجرڪ اوڍائيندي
ھنڱورجا: جسقم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري متاثر عورتب کي اجرڪ اوڍائيندي

رسول آباد ۾ 4 عورتن سان ٿيل لڄالٽ واري سانحي کي 54 ڏينهن گذري ويا پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اڃان تائين اثرائتي ڪاروائي نه ڪري سگهي، متاثر خاندان جي درخواست تي هوم سيڪريٽري، آءِ جي ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور رڪارڊ سميت 21 جولاءِ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ طلب، متاثر خاندان 2 ڏهاڙا ڪراچي ۾ احتجاج ڪرڻ کان پوءِ واپس رسول آباد پهچي ويو، رسول آباد شهر ۾ شٽربند هڙتال، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ رسول آباد، هنڱورجا ۾ احتجاجي مظاهرا، جسقم سربراهه پاران متاثر نياڻين جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ ۽ انصاف ڏيارڻ تائين تحريڪ هلائڻ جو اعلان، شهيد بشير خان جي وني متاثر 4 ئي عورتن کي اجرڪون اوڍايون، پوليس انتظاميه جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پر جوابدار هٿ اچي نه سگهيا،
تفصيل موجب رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل لکين روپين جي ڌاڙي ۽ 4 عورتن مسمات شازيا، آسيا، سپنا ۽ ڪائنات سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ واري سانحي جي جوابدارن کي پوليس 54 ڏينهن گذرڻ باوجود سوگهو ڪري نه سگهي جنهن ڪري جوابدار ڪيس ۾ پنهنجيون ضمانتون ڪرائڻ لاءِ سرگم ٿي ويا آهن. جڏهن ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گذريل ڏينهن رسول آباد ۽ ڪنڊياري جي ڪجهه ڳوٺن ۾ ڇاپا هنيا پر کين کي جوابدارن مان ڪير به هٿ اچي نه سگهيو آهي هوڏانهن پريل ميمڻ ۽ لڄالٽ جو شڪار ٿيل 4 ئي عورتون 2 ڏينهن تائين ڪراچي ۾ احتجاج ڪرڻ کان پوءِ واپس رات دير سان رسول آباد پهتيون جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ۽ سانحي جي خلاف رسول آباد شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي ۽ ميمڻ برادري جي ماڻهن عبدالقادر ميمڻ، عيسا ميمڻ، عطيق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ جي ايم سيد چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو. هوڏانهن هنڱورجا ۾ سماجي تنظيمن جي پاران عبدالسميع ڀنڀرو، الطاف ميمڻ، انور سهتو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي آڏو رسول آباد سانحي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن متاثر خاندان جي محمد پريل ميمڻ جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ هوم سيڪريٽري ، آءِ جي ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي خيرپور کي رڪارڊ سميت 21 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي پريل ميمڻ ۽ 4 متاثر عورتون ڪراچي کان رسول آباد واپس ٿيڻ کان اڳ گلشن حديد ۾ شهيد بشير خان قريشي جي بنگلي تي پهتيون جتي جسقم سربراهه صنعان خان قريشي ۽ شهيد بشير خان جي وني متاثر عورتن کي اجرڪون اوڍايون ان وقت ماحول ڏکارو ٿي ويو ۽ متاثر عورتون شهيد بشير خان جي وني آڏو اوڇنگارون ڏئي روئي ويٺيون ۽ جسقم سربراهه کي ساٿ ڏيڻ لاءِ ٻاڏائينديون رهيون جنهن تي جسقم سربراهه صنعان خان قريشي متاثر عورتن کي يقين ڏياريو ته جسقم اوهان سان گڏ آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا صنعان خان قريشي چيو ته نياڻين جون عزتون لٽيندڙ جوابدارن سنڌ جي صدين واري تاريخ کي داغدار بڻائي ڇڏيو آهي اهڙن وحشي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرڪار مٿان دٻاءُ وڌو ويندو ۽ جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button