ھنڱورجا

رسول آباد واقعو: جوابدار اڃان تائين گرفتار ٿي نه سگهيا،عورتن سان وڏو ناحق ٿيو، ماروي ميمڻ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا

عورتن سان وڏو ناحق ٿيو، ماروي ميمڻ
عورتن سان وڏو ناحق ٿيو، ماروي ميمڻ

رسول آباد سانحي جا جوابدار اڃان تائين گرفتار ٿي نه سگهيا، ايس ايس پي خيرپور پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جوڙيل ٽيم به پلجي وئي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪٿي به ڪاروائي نه ڪئي فريادي کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ، مٿي سطح تي ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، مسلم ليگ ن جي ايم اين اي متاثرين وٽ رسول آباد پهچي تفصيل ورتا، ماروي ميمڻ آءِ جي سان ڳالهائي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ چيو، سنڌ ميمڻ اتحاد پاران اڄ سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ احتجاجي مظاهرا، ڀٽ شاهه جو گادي نشين سڀاڻي رسول آباد پهچندو. لطيف فائونڊيشن پاران هنڱورجا ۾ مظاهرن جو اعلان، پوليس پاران جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ واري رعايت جو فائدو وٺندي ضمانت جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون،
تفصيل موجب رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ پريل بابو ميمڻ جي گهر ۾ لکين روپين جي لڳل ڌاڙي ۽ 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان 7 جوابدارن پاران اجتماعي لڄالٽ واري سانحي جي جوابدارن کي اڃان تائين پوليس گرفتار ڪري نه سگهي. ايس ايس پي خيرپور پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ٽيم به ٻوٽو نه ٻاريو. ٽيم جا عملدار هن وقت تائين متاثرين وٽ پهچي انهن کان اڃان تائين تفصيل به معلوم نه ڪيا آهن. جڏهن ته رسول آباد سانحي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ سول سوسائٽي جي ماڻهن عبدالسميع ڀنڀرو، انور سهتو، آفتاب ڀنڀرو، عطيق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪري نعرا هنيا ويا اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتاري ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ٻئي پاسي واقعي جي 48 ڏينهن کان پوءِ مسلم ليگ ن جي عورت ايم اين اي ماروي ميمڻ رسول آباد پهچي متاثر عورتن سان ملاقات ڪري واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا. ان دوران ماروي ميمڻ آءِ جي سنڌ سان فون تي ڳالهائي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريو. ماروي ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رسول آباد ۾ 4 عورتن سان وڏو ناحق ٿيو آهي. جوابدران کي هر صورت ۾ گرفتار ڪرائي قانون جي ڪٽهڙي تائين پهچايو ويندو. اهڙا واقعا ڪندڙ انسان نه پر وحشي جانور آهن. جن جي ڪريل ڪڌي عمل سان سنڌ جي تاريخ کي داغدار ڪيو ويو آهي. آئون رسول آباد جي هنن نياڻين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ وزيراعظم پاڪستان ميان محمد نواز شريف سان ڳالهائيندس ۽ واقعي جي رپورٽ کيس کي پيش ڪندس. هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي. اهڙي صورتحال بابت وزيراعظم پاڪستان 2 ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ٿيل گڏجاڻي دوران ڪري چڪو آهي. ماروي ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي مظلوم نياڻين سان اهڙا ڪلور ڪيا وڃن ٿا جنهن سان انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو. هوڏانهن ڀٽ شاهه جو گادي نشين سيد نثار شاهه سڀاڻي رسول آباد پهچي متاثر خاندان سان ملاقات ڪندو. جڏهن ته لطيف فائونڊيشن پاران اڄ هنڱورجا ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراهه حاجي عبدالرزاق ميمڻ، حبيب الرحمان ميمڻ، عندالغفار ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته سڀاڻي رسول آباد سانحي جي خلاف سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا. حاجي عبدالرزاق ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جي ڪري نياڻين جون عزتون محفوظ ناهن پر پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ بدران وزيرن ۽ مشيرن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ پوري آهي اسان جو احتجاج نياڻين جون عزتون لٽيندڙ جوابدارن جي گرفتاري تائين جاري رهندو. ٻئي پاسي معلوم ٿيو آهي ته پوليس پاران جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ واري مليل رعايت جو فائدو وٺندي ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدار ضمانتون ڪرائڻ جي لاءِ ڪوششون وٺڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. هوڏانهن هوٽل مالڪ پريل بابو ميمڻ ٻڌايو ته پوليس ٻي ايف آءِ آر ڪرڻ کان پوءِ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ڪابه ڪوشش ناهي ورتي جنهن جي ڪري جوابدارن موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن جوابدار گرفتار ڪري انصاف نه ڪيو ويو ته ايس ايس پي آفيس آڏو پاڻ ساڙي ڇڏيندس.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button