ھنڱورجا

رسول آباد واقعو: انسانيت جا سڀئي ليڪا لتاڙجي ويا آهن: نصرت سحر عباسي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
Nusrat Saharفنڪشنل مسلم ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي رسول آباد ۾ عورتن سان ٿيل اجتماعي ڏاڍائي واري سانحي جي مذمت ڪندي هنڱورجا جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته انهي واقعي سان انسانيت جا سڀئي ليڪا لتاڙجي ويا آهن ۽ جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿيڻ وڏو افسوس ناڪ عمل آهي. اهڙي وحشيت ناڪ واقعي جي خلاف آئون اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر انهن نياڻين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڀرپور نموني سان آواز اٿاريندس. هن چيو ته وزيراعلي سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن پر پوليس انتظاميه جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران وزيرن ۽ مشيرن کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ رڌل آهي. ٿيڻ ته ائين کپندو آهي ته وزيراعلي پاڻ متاثر نياڻين وٽ پهچي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي ها. ٻئي پاسي احساس وومين ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي اڳواڻ شهناز شيخ رسول آباد سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته انهي واقعي ۾ ملوث حقيقي جوابدارن کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ ڀرپور نموني آواز اٿاريو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button