مختصر خبرون

خيرپور: ڌيءَ بازياب ڪرائي ڏيو، ڳوٺاڻي جي عدالت ۾ درخواست داخل

خيرپور (انّا) ڌيءَ بازياب ڪرائي ڏيو، ڳوٺاڻي جي عدالت ۾ درخواست داخل، سرچ وارنٽ جاري، عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم. تفصيل مطابق تعلقه ميرواهه جي ڳوٺ ٻانڀڻ نزد ڏيپارجه جي رهواسي غلام نبي ولد الهرکيو بڙدي طرفان خيرپور جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالحميد قريشي جي عدالت ۾ تعلقه نارا جي ڳوٺ محبت خان نظاماڻي جي رهواسي محمد صفر ولد محمد عيسن بڙدي خلاف درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻائيو آهي ته سندس ڌيءَ مسمات نظيران کي ناحق باندي بڻائي ڇڏيو آهي جيڪا بازياب ڪرائي ڏني وڃي. عدالت اهڙي درخواست بعد سوراهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي سرچ وارنٽ جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته ناحق باندي بڻائيل مسمات نظيران کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button