مختصر خبرون

خيرپور: مل ڪالوني ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران

خيرپور (انّا) مل ڪالوني ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، رهواسي رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ پاڻي خريدڻ تي مجبور، نساسڪ انتظاميه سندن سار نه لڌي، عورتون ۽ معصوم ٻار پريشان. تفصيل مطابق خيرپور جي قديمي رهائشي ايريا مل ڪالوني ۾ نساسڪ انتظاميه جي بي ڌياني سبب پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي هڪ مهيني کان بند آهي. جنهن سبب مل ڪالوني جا هزارين رهواسي معصوم ٻار ۽ عورتون توڙي مرد پريشاني ۾ مبتلا رهن ٿا ۽ ڀلاري مهيني رمضان ۾ ڀي پيئڻ جو پاڻيءَ ملهه سان خريدي اڃ اجهائي رهيا آهن. رهواسين مطابق نساسڪ انتظاميه کي ان سلسلي ۾ ڪافي دفعا شڪايتون ڪيون آهن مگر اهي سڀ بي اثر ٿي رهيون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button