مختصر خبرون

خيرپور: عدالت ٽيهن کان وڌيڪ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

خيرپور (انّا) خيرپور جي عدالت ٽيهن کان وڌيڪ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ۾ حاضرين تي پيش ڪرائڻ لاءِ پوليس کي حڪم. تفصيل مطابق سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج آفتاب احمد آرائين جي عدالت مختلف ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪندي ٽيهن کان وڌيڪ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي خيرپور پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين عدالت ۾ حاضرين تي حاضر ڪرائڻ جو پابند بڻائيو وڃي. جن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن انهن ۾ سب انسپيڪٽر فدا حسين رند، سب انسپيڪٽر رضوان احمد ناريجو، سب انسپيڪٽر قلندر بخش لهراڻي، سب انسپيڪٽر برڪت علي ڪورائي، سب انسپيڪٽر محمد امين پٺاڻ، سب انسپيڪٽر ذوالفقار ڀنڀرو، سب انسپيڪٽر ذوالفقار علي قريشي، اي ايس آءِ گلزار احمد ابڙو، اي ايس آءِ برڪت علي ڀٽي، هيڊ ڪانسٽيبل پيراڻو خان، سپاهي محمد اشرف شر، سپاهي صدرالدين شر، سپاهي صدورو خان ناريجو، امير احمد ميمڻ، اڪرم ڦلپوٽو، مسمات رضيه ميمڻ، نثار احمد جتوئي، مجيب الله ميمڻ، سائين ڏنو ککراڻي، رحيم بخش ککراڻي، تاج محمد ککراڻي، محمد يوسف ککراڻي ۽ هادن ککراڻي شامل آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button