مختصر خبرون

خيرپور: عدالت عبدالله نوحاڻي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي

خيرپور (انّا) خيرپور جي عدالت پريالوءِ ۾ عبدالله نوحاڻي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جوابدار جيل حوالي. تفصيل مطابق فرسٽ ايڊيشنل سيشڻ جج نويد حسين ڪولاچي جي عدالت ۾ پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ قائم اڳوڻي يو سي ناظم شجاع انصاري جي اوطاق تي پئسن جي ڳالهه تان اغوا بعد بيدردي سان قتل ڪيل عبدالله نوحاڻي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائيل صدام حسين ولد جانب اوڍو جي ضمانت جي درخواست رد ڪندي کيس جيل اماڻي ڇڏيو. جوابدار مٿان الزام آهت ته ان تاريخ 24 جولاءِ 2013ع تي پنهنجي ساٿين امان الله ۽ ٻين جي مدد سان پريالوءِ جي اڳوڻي يو. سي ناظم شجاع انصاري جي اوطاق تي قاتلانه حملو ڪيو ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ عبدالله نوحاڻي قتل ٿيو جڏهن ته مسمات صدوري ۽ مسمات فرزانه زخمي ٿي پيون هيون.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button