مختصر خبرون

خيرپور: عدالتن مان مختلف ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙن خلاف ڪاروائي

خيرپور (انّا) خيرپور جي عدالتن مان مختلف ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙن خلاف ڪاروائي، پوليس عملدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ آءِ جي، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس پي خيرپور کي ليٽر جاري، سب انسپيڪٽر نعيم فهيم ابڙو جي پگهار بند ڪرڻ جو حڪم، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف توهين عدالت نوٽيس جاري، عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم. تفصيل مطابق فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج نويد حسين ڪولاچي جي عدالت هنڱورجه ٿاڻي جي هڪ منشيات ڪيس ۾ شاهد ۽ فريادين پوليس عملدار سب انسپيڪٽر ارشاد حسين پنهور، سب انسپيڪٽر نظير احمد ڏاهري، سپاهي فيض محمد ٿيٻو ۽ سپاهي محمد ايوب ميراڻي جي مسلسل غيرحاضري سبب انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ ڪراچي، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سکر ۽ سينئر سپرنٽينڊينٽ آف پوليس خيرپور ڏانهن ليٽر اماڻيندي هدايت ڪئي آهي ته مذڪوره پوليس عملدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي. ساڳي عدالت ڊاڪٽر محمد حسن ابڙو جي مسلسل غيرحاضري سبب ڊسٽرڪٽ آفيسر هيلٿ خيرپور کي هدايت ڪئي آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي. ساڳي عدالت عدالتي حڪمن جي تعميلات نه ڪرڻ تي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او لعل بخش ڏهر خلاف توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. ٻي پاسي ٿرڊ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ علي بخش ٿيٻو جي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي هڪ قتل ڪيس ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙ سب انسپيڪٽر نعيم فهيم ابڙو جي پگهار بند ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button