خيرپور

خيرپور : حضرت سچل سرمست رح جي 193 هين عُرس جي موقعي تي سچل سرمست يادگارڪاميٽي پاران ايوارڊ ڏناويندا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
Sachal-Sarmast1حضرت سچل سرمست رح جي 193 هين عُرس جي موقعي تي سچل سرمست يادگارڪاميٽي پاران مختلف صنفن تي مختلف اديب، شاعر، سگهڙ ، ملهه پهلوان، گلوڪار، صوفي راڳي، ڪارڪن ۽ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ۽ ٻيا سچل ايوارڊ ڏنا ويندا. ان سلسلي ۾ بهترين مقالا نگار ڊاڪٽر جاويد چانڊيو، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جي باني ميمبر جو ايوارڊ مولا بخش لاڙڪ، بهترين شاعر مظهر ابڙو، لائيف ٽائيم اچيومينٽ سچل ايوارڊ سچل سرمست رح جو رسالو مرتب ڪندڙ عثمان علي انصار ۽ سچل سرمست رح جي پيغام تي تحقيق ڪندڙ آغا صوفي کي ڏنا ويندا. جڏهن ته حضرت سچل سرمست رح تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر مهر خادم، بهترين اداري جو سچل ايوارڊ سنڌي ادبي بورڊ، بهترين ملهه پهلوان جو ايوارڊ منٺار علي بُگٽي، بهترين گلو ڪار ذوالفقار علي ۽ مظهر علي، ثمينه ڪنول کي پڻ سچل ايوارڊ ڏنو ويندو. بهترين ڪارڪن جو سچل ايوارڊ ڊائريڪٽر ڪلچر خيرپور خالق ڏنو نوناري، بهترين سُگھڙ ايوارڊ لقمان کوکر، بحر الدين بحر شنڀاڻي، ڏاڏو ڏتل ابڙو، صوفي راڳي شهمير فقير ڀٽي ۽ سيد بخشل شاهه جڏهن ته سازده نواز جو ايوارڊ قلندر بخش ميرثي کي ڏنو ويندو. ان موقعي تي چيئرمين سچل سرمست يادگار ڪاميٽي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺاڻي پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين مهمانن کي سچل سرمست يادگار شيلڊون پيش ڪيون وينديون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button