مختصر خبرون

خيرپور: حاضري تي آيل ٻه قيدي هٿڪڙين سميت فرار

خيرپور (انّا) ڪنگري عدالت مان حاضري تي آيل ٻه قيدي هٿڪڙين سميت فرار، ٽي اهلڪار گرفتار. تفصيل مطابق سينٽرل جيل خيرپور مان ڪنگري جي عدالت ۾ حاضري تي ويل ٻه قيدي صدام اوڍو ۽ ڪريم ڏنو خواجه عدالت ٻاهران پوليس کي چڪمو ڏيئي هٿڪڙين سميت فرار ٿي ويا. اطلاع تي ايس ايس پي خيرپور قيدين کي سينٽرل جيل خيرپور مان عدالت ۾ پيش ڪرائيندڙ هيڊ ڪانسٽيبل محمد علي سوهو سميت ٽن اهلڪارن کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي. ٻڌائيو پيو وڃي ته ٻنهي فرار ٿيل قيدين مٿان مختلف ٿاڻن تي پوليس سان مقابلي، ناجائز اسلحو رکڻ ۽ قتل جي الزامن هيٺ ڪيس داخل آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button