مختصر خبرون

خيرپور جي عدالت ٽن اهلڪارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

خيرپور (انّا) خيرپور جي عدالت ٽن اهلڪارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، کين عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ ڊي آءِ جي سکر، ايس پي خيرپور ۽ گهوٽڪي کي ليٽر جاري. تفصيل مطابق فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج نويد حسين ڪولاچي جي عدالت پيرڳوٺ ٿاڻي جي هڪ منشيات جي ڪيس ۾ گواهن سب انسپيڪٽر رب نواز، هيڊ ڪانسٽيبل نثار احمد ۽ ممتاز جي مسلسل غيرحاضري سبب ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ عملدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سکر، سينئر سپرنٽينڊينٽ آف پوليس گهوٽڪي ۽ سينئر سپرنٽينڊينٽ آف پوليس خيرپور ڏانهن پڻ ليٽر جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته عملدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي. جڏهن ته ساڳي عدالت عدالتي حڪمن جي تعميلات نه ڪرڻ تي پيرڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button