مختصر خبرون

خيرپور جي عدالت جي ڪاپي رائيٽر مٿان پسٽل سان حملو

خيرپور (انّا) خيرپور جي عدالت جي ڪاپي رائيٽر مٿان پسٽل سان حملو، معجزانه طور بچي ويو، جوابدار فرار، ڪيس داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي. تفصيل مطابق اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ قائم ٿرڊ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ علي بخش ٿيٻو جي عدالت جي ڪاپي رائيٽر طارق حفيظ ولد حفيظ الله چنه مٿان عدالت اندر جوابدار منظور حسين ولد محمد يوسف شهواڻي ڪيس جا ڪاغذات نه ملڻ سبب پسٽل سان قاتلانه حملو ڪيو ويو. اهڙي اوچتو ڪاروائي سبب ڪاپي رائيٽر طارق حفيظ چنه سول جج جي چيمبر ۾ ڀڄي جان بچائي ورتي جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو. اهڙي ڪاروائي خلاف ڪاپي رائيٽرن طرفان عدالتي ڪاروائين جو بائڪاٽ ڪيو ويو ۽ عدالتي حڪم بعد اي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدار منظور حسين شهواڻي خلاف گناهه نمبر 176 / 2014 قلم 324، 511 ،353، 506/2، 427، 504 پي. پي. سي. تحت ڪيس داخل ڪرائيو ويو آهي. جڏهن ته ڪيس جي داخلا باوجود پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي هئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button