مختصر خبرون

خيرپور جو سب رجسٽرار بي پي ايس 16 اسڪيل بجاءِ بي پي ايس 11 اسڪيل وارو هجڻ وانڪشاف

خيرپور (انّا) خيرپور جو سب رجسٽرار بي پي ايس 16 اسڪيل بجاءِ بي پي ايس 11 اسڪيل وارو هجڻ جو انڪشاف، خيرپور جي وڪيل طرفان ڪاروائي لاءِ اعليٰ حڪام کي درخواستون. تفصيل مطابق خيرپور جي ناليواري وڪيل مظهر علي ميتلو طرفان اعليٰ اختيارين کي درخواستون اماڻيندي آگاهي ڏني آهي ته خيرپور ۾ مقرر سب رجسٽرار جي پوسٽ تي بي پي ايس 16 گريڊ جي آفيسر مقرر ڪرڻ بجاءِ بي پي ايس 11 گريڊ جي آفيسر لياقت شيخ کي مقرر ڪيو ويو آهي. وڪيل مظهر ميتلو طرفان لياقت شيخ مٿان الزام مڙهيندي ڄاڻائيو آهي ته سب رجسٽرار لياقت شيخ ڪرسي سنڀالڻ بعد رشوت جو بازار گرم ڪري ڇڏيو آهي. وڪيل مظهر علي ميتلو طرفان اعليٰ اختيارين کي ان سلسلي ۾ سب رجسٽرار خيرپور لياقت شيخ خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button