سکر

حڪومت ۽ عمران خان پنهنجا پنهنجا شوق پورا ڪن، کين ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، خورشيد احمد شاه

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
Shah IK
پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاه چيو آهي ته عمران خان ۽ حڪومت ڌر 14 آگسٽ کي سياست جو حصو نه بڻائين ڇاڪاڻ ته اهو قومي ڏهاڙو آهي، حڪومت طرفان ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي ته ان وقت سوچيو ويندو، في الحال حڪومت ۽ عمران خان پنهنجا پنهنجا شوق پورا ڪن ڇاڪاڻ ته کين ان مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، اسان سياسي فيصلو ڪري هڪ آمر کي اقتدار کان الڳ ڪيو، جيڪي به فيصلا ڪيا آهن اهي سياسي ۽ جمهوري هئا، جمهوريت جي مضبوطي واري معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمپرومائيز نه ڪنداسين ۽ ڄاڻايل فيصلي بابت پيپلزپارٽي ڪڏهن به پوئتي نه هٽندي ڪنهن کي به قومي ڏهاڙي کي سياست جي ور چاڙهڻ نه گهرجي، صالح پٽ ۽ سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اسان پهريان به واضح ڪري چڪا آهيون ۽ هينئر به ان ڳالهه تي قائم آهيون ته ڪنهن به ڌرڻي جو حصو نه ٿينداسين، حڪومت جيڪڏهن آرٽيڪل ڇهه تحت 12 آڪٽوبر 1999ع واقعي وارو ڪيس پرويز مشرف مٿان داخل ڪري ها ته اڄ کيس هي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها، ، هن چيو ته جيڪڏهن مسلم ليگ آرٽيڪل ڇهه تحت مشرف خلاف 12 آڪٽوبر 1999 جو ڪيس داخل ڪري ها ته ان کي هي ڏينهن نه ڏسڻا پون ها، خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي هميشه اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي آهي، ڄاڻايل وحشياڻي عمل خلاف حڪومت کي فوري طور يو اين او جي فورم تي مسئلي کي کڻڻ گهرجي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button