مختصر خبرون

باڊھه لڳ ڳوٺ ڇٽو چانڊيو ۾ پاڻي جي واري جي تڪرار تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي، ھڪ قتل

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
باڊھه : باڊھه لڳ ڳوٺ ڇٽو چانڊيو ۾ پاڻي جي واري جي تڪرار تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو حاڪم علي چانڊيو مارجي ويو جڏهن ته 22 سالن جي مسمات حوران ، 45 سالن جي مسمات پناھه خاتون ، 2 سالن جي نينگري فوزيه زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو جڏهن ته قتل ٿيل نوجوان جي لاش کي پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو جڏهن ته وارث عورتون قاتلن کي پٽ پاراتا ڏئي ماتم ڪنديون رهيون جنهن سبب سڄي ڳوٺ جو ماحول سوڳوار ٿي ويو هوڏانهن اطلاع ملڻ تي باڊھه ٿاڻي جو ايس ايڇ او نظير احمد مگسي توڙي ڊي ايس پي ڏوڪري مهر علي جاگيراڻي پوليس اٽالا وٺي ڳوٺ جو گھيراءُ ڪيو ۽ جھيڙيندڙ ڌرين کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو پوليس جوابدار ڌر جا 11 ڄڻا شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري لاڪب ڪري ڇڏيا آهن ۽ سندن جا 11 ڍور پڻ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا آهن هوڏانهن پوليس جي پڌرائي موجب ڳوٺ کي ڪلئير قرار ڏنو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button