مختصر خبرون

اي سيڪشن ٿاڻي تي ڊي ايس پي سميت ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز خلاف ڪيس داخل

خيرپور (انّا) اي سيڪشن ٿاڻي تي ڊي ايس پي سميت ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز خلاف ڪيس داخل، پوليس عملدارن گهر ۾ گهري ڦرلٽ بعد پٽ کي اغوا ڪري ويا آهن، فريادي جو مئوقف، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي. تفصيل مطابق خيرپور جي شهري نصرالله کيڙو طرفان عدالتي حڪمن بعد اي سيڪشن ٿاڻي تي ڊي ايس پي علينواز شاهاڻي، ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سيف الله ٻگهيو، گمبٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او اشوڪ ڪمار، اي ايس آءِ ابراهيم چانڊيو، اي ايس آءِ غازي خان ڏهراج سميت ٽيهن کان وڌيڪ اهلڪارن خلاف گهر ۾ گهري ڦرلٽ ڪرڻ ۽ ڀنگ خاطر 7 ساله نينگر عبيدالله کي اغوا ڪرڻ جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪرائيو ويو آهي. آخري اطلاعن تائين ڪيس جي داخلا باوجود ڪوبه جوابدار گرفتار ٿي نه سگهيو هيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button