خيرپور

اسان حماس، حزب الله۽ فلسطين ۾ ويڙھاڪ مجاهدن جي حمايت ڪريون ٿا، مرڪزي فلسطين ڪاميٽي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
At of Living Blog israel palestine war (640x376)
فلسطين جي مسلمانن سان اظهار يڪجهتي لاءِ ۽ اسرائيل جي دهشت گردي ۽ جارحيت خلاف عالم اسلام کي پنهجو موقف واضح ڪرڻ کپي ۽ اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڏ خلاف آواز اٿاري وڃي سمورا مسلم ملڪ ان سلسلي ۾ اقوام متحده ۽ ٻين انساني حقن جي تنظيمن جي علمبردارن اهو احساس ڏيارڻ تي فلسطين ۾ ننڊڙن ٻارڙن ۽ عورتن تي ظلم اسرائيل جي لاءِ هڪ وڏي مشڪل پيدا ڪندي اسرائيل خوف ۾ گرفتار ٿي ڪري اهڙي ڪريل حرڪتون ڪري رهيو آهي اهڙي خيلان جو اظهار مرڪزي فلسطين ڪاميٽي پاڪستان جي مرڪزي صدر سيد مصطفي اڪبر جعفري خيرپور ۾ شيعه ، سني تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات دوران ڪئي سيد مصطفي اڪبر جعفري وڌيڪ چيو ته عالم اسلام جن مسئلن ۾ گهريل آهي ان جي حل لاءِ جيڪڏهن اسلامي ملڪن يڪجهتي ۽ اتحاد جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته ان کان به وڌيڪ نقصان کڻو پوندو ۽ اسانجي ئي مسلم ملڪن جي ڪري اسلامي دنيا ۽ مسلمانن کي ناقابل تلافي نقصان ٿي رهيو آهي اسان حماس، حزب الله سان گڏوگڏ فلسطين ۾ ويڙھاڪ مجاهدن جي حمايت ڪريون ٿا هن وڌيڪ چيو ته ان وقت ضرورت آهي سڀني مسلمانن پاران وڏي احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو وڃي هن چيو ته اهو وقت پري نه آهي جڏهن اسرائيل جو وجود ختم ٿي ويندو. ان موقعي تي سني اتحاد ڪائونسل، شيعه وحدت، بوتراب اسٽوڊنٽس، قادري اسٽوڊنٽس، سني موومنٽ پاڪستان، حزب الله ڪاميٽي، سان گڏوگڏ 50 کان وڌيڪ تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button