سکر

اتر وزيرستان جا آپريشن متاثرن سان ھمدردي آھي، انھن کي ڪيمپن ۾ ترسايو ويندو، قائم علي شاهه

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ. سکر

اتر وزيرستان جا آپريشن متاثرن سان ھمدردي آھي، انھن کي ڪيمپن ۾ ترسايو ويندو، قائم علي شاهه
اتر وزيرستان جا آپريشن متاثرن سان ھمدردي آھي، انھن کي ڪيمپن ۾ ترسايو ويندو، قائم علي شاهه

سنڌ جي وڌي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اتر وزيرستان جا آپريشن متاثر اگر قوامي سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ آهن ته کين همدردي ڪندا سين ۽ انهن کي ڪئمپن ۾ ترسايو ويندو ايندڙ متاثرن جي چيڪنگ دوران ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري مختلف جيلن ڏانهن اماڻيو ويو آهي سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردن ۽ ٽارگيٽ ڪلرن خلاف رينجرس ۽ پوليس جي آپريشن جاري آهي جنهن جا نتيجا بهتر نڪري رهيا آهن آپريشن دوران 10 مهينن اندر 250 اهلڪار شهيد ٿي چڪاآهن ڪراچي آپريشن ۾ پوليس ۽ ريجرس جي ڪاڪردگي بهترآهي ايم ڪيو ايم جو اسان تي اعتماد آهي جيڪڏهن ڪارڪنن جي اغوائن ۽ قتل بابت ڪو خدشو آهي ته اهي ڪنهن به شخصيت مٿان ايف آءِرداخل ڪرائن ته ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي هن چيو آهي ته هن وڌيڪ چيو ته وفاق کان ڪراچي آپريشن لاءِ فنڊن نه پر جديد هٿيارن ۽ گاڏين جو مطالبو ڪيو هو آءِ جي سنڌ جي حوالي سان وزيراعظم سان ڳالهيون ڪيون ويون آهن وفاقي ۽ صوبائي مفاهمت کان پوءِ آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضاگيلاني جي ڏنل بيان جي جهانگير بدر وضاحت ڪري چڪو آهي ان موقعي تي وڏي وزير سان سکر ايئرپورٽ تي ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي سکر جاويد عالم اوڍو، ڊپٽي ڪمشنر سکر شهزاد طاهر ٿهيم، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي، وڏي وزير جو پوليٽيڪل سيڪريٽري لعل بخش منگي، پيپلز پارٽي ضلعي خيرپور جو جنرل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو، پيپلز پارٽي سيڪريٽري اطلاعات خيرپور امام ڏنو ملاح، مسعود النبي ڏوگر، غلام حيدر ڦلپوٽو، سرائي نثار خاصخيلي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button