مختصر خبرون

آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيش تعلقي ڳڙهي خيرو جي آل ڊپارٽمينٽ جي چونڊ ڳڙهي خيرو ۾ ٿي گذري

انڊس نيوزڊاٽ نيٽ، ڳڙهي خيرو
جئين ته آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيش تعلقي ڳڙهي خيرو جي آل ڊپارٽمينٽ جي چونڊ ممتازعلي ٻٻر ۽ عمران خان جکراڻي جي نگراني ۾ ٿي گذري جنهن ۾هيٺ ڏنل تعلقي جا عهديدار چونڊيا ويا. جنهن ۾ تعلقي صدر طارق ٻٻر،سنئير نائب صدر ون سجاد احمد کنڊ،سنئير نائب صدر ٽو عطاءُالله سومرو،جونئيرنائب صدر ون احمد علي لاشاري،جونئير نائب صدر ٽو سرفراز احمد بروهي،جنرل سيڪريٽري سعيد احمد کنڊ،جوائنٽ سيڪريٽري محمد سليم ٻٻر،خزانچي هدايت الله ڀٽو،آفيس سيڪريٽري عبدالغفار لاشاري،پريس سيڪريٽري ظفر علي سمون تعلقي باڊي جا نوا عهديدار چونڊيا ويا.ان موقعي تي احمد علي لاشاري ، عطاءَ الله سومرو ۽ ٻين عهديدارن خطاب ڪندي چيو ته اسين ڪلرڪن جي هر جائز مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪنداسين ۽ سندس ڪلرڪن جي جائز مطالبن لاءِ جيڪا جدوجهد هلي رهي آهي. جنهن ۾ اسڪيل اپ گريڊ،اسڪيل روائيز،يوٽيلٽي الائنس،سن ڪوٽا ۽ ٻين جائز مسئلن لاءِ جدوجهد جاري آهي. وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاه پاران ڪلرڪن جي مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل ڪاميٽي جي ميمبر آپڪا سنڌ صدر مراد علي چاچڙ،چئيرمين ذوالفقار علي شيخ،س نائب صدر منور علي شيخ تي اسان کي ڀرپور اعتماد آهي،انهن ڪاميٽي جي ميمبرن تي اسان کي پورو اعتماد آهي جيڪي ڪلرڪن جا جائز مسئلا حل ڪرئيندا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button