لاھور

آزادي جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي: پرويز رشيد

مانيٽرنگ ڊيسڪ

پرويز رشيد
پرويز رشيد

لاهور : اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته هن سال آزادي جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي، جنهن جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته سڄي قوم هڪ جهنڊي جي هيٺان متحد آهي، صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو ته 14 آگسٽ تي سڄي قوم هڪ زبان ٿي قومي ترانو پڙهندي، 14 آگسٽ تي عمران خان جي ڊي چوڪ تي ريلي جي حوالي سان هن چيو ته عمران خان کي آزادي جي ڏهاڙي تي اهو پيغام نه ڏيڻ گهرجي ته ملڪي قيادت هن موقعي تي ورهايل آهي، جو جڏهن پاڪ فوج ملڪي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اتر وزيرستان ۾ آپريشن ۾ مصروف آهي پر ان موقعي تي اتحاد جو پيغام ڏيڻ گهرجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button