ھنڱورجا: مذهبي انتهاپسندي سبب انسانن جو خون وهائيندڙ مسلمان نٿا ٿي سگهن، جشن کي خطاب
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،هنڱورجا
هنڱورجا لڳ ڳوٺ سيد بچل شاه ۾ جشن ولادت حضرت امام حسين عليه السلام ۽ حضرت غازي عباس عليه السلام جي سلسلي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف علائقن کان آيل ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. جشن ولادت واري تقريب کي ذاڪرن سيد اصغر علي شاه نقوي، سيد ذاڪرحسين شاه بخاري، مولوي غلام حيدر چانڊيو، سيد خير شاه، اسد علي سولنگي، الطاف حسين ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان پنهنجي امام حسين عليه السلام ۽ حضرت غازي عباس جي ولادت وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهيون. حضرت امام عليه السلام ۽ ان جي ساٿين ڪربلا جي ميدان ۾ پنهنجي ناني جي دين کي بچائڻ لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون ۽ انهن جي ڏنل قربانين جي ڪري دين اسلام قيامت تائين قائم رهندو. هنن چيو ته امام حسين جي ولادت ۽ شهادت کي اسان وڏي عزت ، احترام ۽ شانائتي نموني سان ملهائڻ تي فخر محسوس ڪريون ٿا. ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي سبب بيگناه انسانن جو خون وهائيندڙ اهي مسلمان نٿا ٿي سگهن. اسان سڀني کي گڏجي اهڙن اسلام دشمن دهشتگردن خلاف گڏ ٿيڻو پوندو.