مختصر خبرون

مورو: جيئي سنڌ انقلابي محاذ جي مرڪزي سڏ تي مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
جيئي سنڌ انقلابي محاذ جي مرڪزي سڏ تي جسام جي چيئرمين غازي خان سولنگي مٿان حملو ڪرڻ واري واقعي خلاف مورو ۾ جسام جي اڳواڻن ڪارڪنن پاران مرڪزي اڳواڻ اياز ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مطاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ جست، جسقم آريسر، ايس اين پي جي اڳواڻن ڪارڪنن پڻ وڏي نگ ۾ شرڪت ڪئي احتجاجي ريلي شهر جو گشت ڪندي مورو ميڊيا سينٽر اڳيان پهتي جتي نٽهڻ اُس تي ڌرڻو هنيو ۽ سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن اياز ملاح، اشرف لغاري، شاهنواز ڀٽي، بلاول ڏاهري، ڀيرو مل، شفيق چانديو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پناجب رياست سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن خلاف رڻ باري ڏنو آهي ۽ پارٽي جي چيئرمين غازي خان سولنگي تي پنجاب جي رياست ۽ حڪمرانن جي اشاري تي دهشتگردن حملو ڪيو آهي جيڪو اسان ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين هنن چيو ته اسان جي پارٽي ڳواڻ کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته مختلف ڪوڙن ڪيسن ۾ جڪڙيو ويندو ۽ قومي ڪارڪنن کي حراسان ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته مختلف قومپرست پارتين جا اڳواڻ سنڌ دشمن الطاف حسين جي حمايت ڪري رهيا آهن شايد اها ڳالھ انهن قومپرست اڳواڻن کان وسري چڪي آهي ته ايم ڪيو ايم جي سربراھ الطاف حسين 1988ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ سان نا انصافيون ڪيون ۽ سنڌي نياڻين سان بي رحمانو ورتاءُ ڪيو ويو هنن لنڊن پوليس جي حميات ڪندي چيو ته اهڙن ملڪ ۽ سنڌ دشمن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي عوام جي آڏو بي نقاب ڪيو وڃي جڏهن ته هنن خطاب ڪنديو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي قومپرست پارتين جي اڳواڻن کي گهرجي ته هو هاني پاڻ اختلاف ختم ڪري هل پليٽ فارم تي بيهي ڪري ڪم ڪن جڏهن ته اسان جو فڪر فلسفو ساڳيو سائين جي ايم سيد وارو ۽ جهنڊو به ساڳيو ڪهاڙي وارو آهي ته پاڻ هڪ ٿي سنڌ دشمنن کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيون ۽ اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ختم ڪيا وڃن ۽ حملو ڪندڙن کي جلد گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڇي نه ته بي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو جڏهن ته عطيم چانديو، ظهير عباس ۽ بي پڻ خطاب ڪيو. ان کان علاوه نوان جتوئي مٺياڻي، ڏيپارجه، سڌوجا، منهڙو، سونهري فارم، قمرالدين، ملڪ ۽ بين شهرن ۾ پڻ اڳواڻن ڪارڪنن پاران احتجاجي مطاهرا ڪيا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button