جيئي سنڌ محاذ جي 42 هين سالگره تقريب ھنڱورجا ۾ ملھائي ويئي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
جيئي سنڌ محاذ جي 42 هين سالگره تقريب جسم ضلعي خيرپور پاران پريس ڪلب هنڱورجا ۾ ملهائي وئي سالگرهه جي تقريب ۾ جسم جي ڪارڪنن ، صحافين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. سالگرهه جو ڪيڪ جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي اڳواڻ ارشاد چنو، عرفان سهتو، شوڪت عامر، جسقم جي منعان ميمڻ سان گڏجي ڪاٽيو. سالگرهه تقريب کي جسم اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي ته جسم رياض چانڊيو جي قيادت ۾ سنڌ جي حقن جي حاصلات جي لاءِ جدوجهد جاري رکيو پئي اچي. سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ جي نيڪالي لاءِ 22 جون تي هنڱورجا باءِ پاس تي تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو. سنڌ جي معدني وسيلن توڙي روزگار جي ذريعن تي ڌاريا ذبردستي قابض ٿي ويا آهن. انهن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سڀني سنڌ دوست ڌرين کي اڳتي اچڻو پوندو. هنن چيو ته وزيرستان ۽ ٻين علائقن ۾ فوجي آپريشن شروع ٿيڻ سان اتان جا دهشتگرد سنڌ جو رخ ڪري رهيا آهن جڏهن ته دهشگردن کي روڪڻ جي لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا. سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ سائين جي ايم سيد جي ڏسيل واٽ تان هڪ قدم به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهيون. سنڌ ۾ قومپرستن جي خلاف اڻ اعلانيل آپريشن شروع ڪيوويو آهي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي کنڀي کين کي تشدد جو نشانو بڻائي شهيد ڪيو پيو وڃي.