بينظير ڀُٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي ٽن سالن جي نرسنگ ڪورس جي تربيت يافته نوجوانن ۾ سرٽيفڪيٽ ورھايا ويا
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ بينظير ڀُٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي ٽن سالن جي نرسنگ ڪورس جي لاءِ تربيتي آفر ليٽر ۽ پاس ڪيل تربيت يافته نوجوانن ۾ ڊگري سرٽفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن پروگرام تحت 2 لک نوجوانن کي روزگار سان لڳايو ويو آهي جڏهن ته هن پروگرام تحت ايئر فورس، صحت، تعليم، هنري سکيا، جانورن جي پالنا، عورتن جي ترقي سمينت مختلف 382 مختلف شعبن 2008 کان ڪاميابي سان عالمي ادارن جي مدد سان خود روزگار جي شعبن ۾ تربيت ڏني پئي وڃي. وڏي وزير چيو ته يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام ۾ هنري سکيا وٺندڙن جي اهميت يونيورسٽي مان ڊگري وٺندڙ جيتري آهي جڏهن ته وظيفي جا پئسا گهٽ آهن پر تنهن هوندي به بيروزگار نوجوانن کي وظيفي سان گڏ مفت تربيت ڏني پئي وڃي. ان موقعي تي پروگرام جي چيئرمين ايئر مارشل رٽائرڊ رياض الدين شيخ پروگرام جي بنيادي مقصدن ۽ هلندڙ پروگرام تي روشني وڌي جڏهن ته پروگرم جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر ڪريم بخش صديقي وڏي وزير کي پروگرام جي مکيه ڪاميابين جي باري ۾ آگاهي ڏيندي سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي قابل روزگار شعبن ۾ روزگار جا موقعن جي فراهمي سان گڏو گڏ سندن صلاحيتن ۽ قابليت کي اجاگر ڪرڻ بابت مختلف تربيتي پروگرام بابت ڄاڻ ڏني. ان موقعي تي وڏي وزير يوٿ ڊولپمينٽ ۾ سکيا وٺندڙن ۾ تربيت جا آفر ليٽر ۽ ڊگري سرٽفڪيٽ پڻ ورهايا. ان موقعي تي وڏي وزير کي بي بي ايس واءِ ڊي هڪ تربيت وٺندڙ سوڀوديرو جي ڳوٺ انب گوپانگ جي رهواسي امجدعلي تربيت دوران تيار ڪيل کيس جو خوبصورت تحفو پيش ڪيو. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير پروگرام جي چيئرمين، صوبائي ڪوار ڊينيٽر ، ريجنل ڪنسلٽنٽ محمد سليمان دشتي ۽ ضلعي مانيٽرنگ ڪوآرڊينيٽر محمد نواز ڦلپوٽو کي سندس اعلى ڪارڪردگي جي نتيجي ۾ يادگار شيلڊون پڻ ڏنيون. تقريب کي بي بي ايس واءِ ڊي جي تربيت حاصل ڪندڙن نوجوانن کان علاوه ڊپٽي صوبائي ڪوآرڊينيٽر خان محمد تنيو، پروگرام آفيسر حزب الله ميمڻ، ضمير لاشاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي، ايس ايس پي خيرپور عثمان غني صديقي، وڏي وزير جو سياسي سيڪريٽري لعل بخش منگي، پرائيويٽ سيڪريٽري مظهر علي، نظر محمد ڳاهو، شفيع محمد چانڊيو، سماجي ۽ سياسي شخصيتن کان علاوه خيرپور ۽ ڀرپاسي جي نوجوانن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي ۽ پروگرام کي ساراهيو.