مختصر خبرون

وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪري وڏي ذيادتي ڪئي آهي، استاد

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،هنڱورجا
سنڌ پروفيسرس ، سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي مرڪزي صدر پروفيستر سيد اسرار شاه ، سکر ڊويزن جي صدر عبدالوهاب بلوچ، ترجمان عبدالسميع ڀنڀرو، مهراڻ ٽيچرس ايسوسيئشن جي مرڪزي صدر الهرکيو خاصخيلي، سکر ڊويزن جي صدر ارشاد ڀنڀرو ۽ ٻين هنڱورجا ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪري وڏي زيادتي ڪئي آهي. هنن چيو آهي ته ملڪ جي اندر سئو سيڪڙو مهانگائي آهي ڪامورا شاهي ۽ سياستدانن ملڪ جي ناڻي کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي پر ملڪ جي غريب عوام جي خدمت ڪندڙ سرڪاري ملازمن کي رليف نه ڏئي حڪومت پنهنجي پراڻي هوڏ کي برقرار رکيو آهي. اهڙي فيصلي کي هرگز قبول نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته شاهي خرچ گهٽائي ڪرپشن کي ختم ڪري مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. سرڪاري ملامن جي پگهار سئو سيڪڙو وڌائي وڃي. ٻي صورت ۾ ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو ته پگهارن جي واڌ جي سلسلي ۾ آپڪا ، سپلا، وٽنري ايسوسيئشن، پيرا ميڊيڪل سميت سڀني سرڪاري ملازمن جي يونين سان رابطا ڪري تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ بدران عوام دشمن بجيٽ پيش ڪري عوام کي به ناراض ڪيو آهي جنهن جا بهتر نتيجا نڪرندا. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ مهانگائي جي حساب سان سئو سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button