مختصر خبرون

مورو: ڳوٺ پناھ ڏاهري ۾ زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو ڀرسان منهڙو ۾ پٻجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پناھ ڏاهري ۾ زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش، فائرنگ، نوجوان اغوا، بازياب، ٻه هٿياربند سوگها لاڪپ، اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڇي زمين خريد ڪيل آهي بااثر ماڻهن مان جان ڇڏائي وڇي زمين مالڪ حبيب الرحمٰن ڏاهري جو مطالبو تفصيل موجب؛ مورو ڀرسان منهڙو ڀرسان پٻجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد پناهه ڏاهري ۾ زميندار حبيب الرحمٰن ڏاهري پاران فقير محمد ڏاهري کان خريد ڪيل 24 ايڪڙ زرعي زمين تي فقير محمد ڏاهري جي چرچ تي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن ۾ نوجوان سڪندر علي ڏاهري کي اغوا جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي دانهن تي ڳوٺاڻن برداري جي ماڻهن پهچي اغوا ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪيو بعد ۾ پوليس پهچي نوجوان کي بچائي ورتو جڏهن اغوا ڪندڙ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ۽ ڳوٺاڻن پيڇو ڪري ٻن ڄڻن کي هٿيارن سميت سوگهو ڪري ورتو ۽ پوليس لاڪپ ڪري ڇڏيو هوڏانهن فقير محمد ڏاهري ڪجھ برداري جي بااثرن ۽ مورو جي ڪلهوڙا برادري جي بااثر هٿيار بندن کي ساڻ ڪري زرعي زمين تي قبضو ڄمائي ورتو ۽ جديد هٿيار سان ٻه کان ٽي ڪلاڪن تائين فائرنگ ڪري علائقي ۾ ڏهڪاءُ ۽ خوف پکيڙي ڇڏيو واقعي بعد پٻجو/منهڙو پوليس وڏي نفري ساڻ ڪري ڏاهري برادري سميت تر جا سوين ماڻهون واقعي واري هنڌ پهتا پوليس ۽ ڳوٺاڻن گڏيل ڪاروائي ڪري ٻن هٿيار بندن قبضا گيرن نوجوان کي اغوا ڪندڙن شمس الدين عرف شمن ڪلهوڙو ۽ نواب هاليپوٽو کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو اهڙي عمل خلاف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ زرعي زمين جي مالڪ حبيب الرحمن ڏاهري، محمد موسيٰ ڏاهري سڪندر علي ڏاهري، عبدالرحيم ڏاهري، بابو ڏاهري، صادق ڏاهري، اشرف ڏاهري، غلام حيدر ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري منهڙو پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هينو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته قبضا مافيا جي ڊان هٿياربندن جي مدد سان اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي اسان جي نوجوان سڪندر علي ڏاهري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوش ڪئي جڏهن ته فقير محمد ڏاهري هٿياربندن سان گڏجي اسان جي پر امن علائقي ۾ خون ريزي ڪرائڻ چاهي ٿو واقعي جو ڪيس سڪندر علي ڏاهري جي فرياد تي شمن الدين عرف شمن ڪلهوڙو، نواب هاليپوٽو، حبيب الله مهر، فيقر محمد ڏاهري ۽ ٽن نامعلوم هٿياربند قبضا گيرن خلاف پٻجو ٿاڻي تي اغوا، زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ فائرنگ ڪري حراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي علائقي واسين ۽ زرعي زمين جي مالڪ وس وارن کان گهر ڪندي مطالبو ڪيو ته واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي قبضا گيرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. ياد رهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ حبيب الرحمٰن ڏاهري پاران پنهنجي چاچي فقير محمد ڏاهري کان اها زمين خريد ڪئي هئي پر فقير محمد ڏاهري جو دماغي توازن بهتر نه آهي جنهن سبب ڪيترن ماڻهن کان ساڳيءَ زمين جي خريد فروخت ۽ مقادو ڏيڻ جي بهاني پئسا هڙپ ڪري ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button