مختصر خبرون

مورو: ڳوٺ دولت خان سابقي ۾ چلھ مان چڻنگ اٿڻ ڪري ٽن گهرن کي باھ لڳي وئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو ڀرسان جمال شاھ وٽ ڳوٺ دولت خان سابقي ۾ چلھ مان چڻنگ اٿڻ ڪري ٽن گهرن کي باھ لڳي وئي جنهن جو اطلاع مورو فائر برگيڊ کي ڏنو ويو باھ وسائڻ لاءِ ڳوٺاڻن فائر برگيڊ عملي وڏي ڪوشش ڪئي پر باھ نه وسامجي سگهي ۽ ڳوڏي ڪوشش بعد باھ تي ڪنٽرول ڪيو ويو جڏهن ته گهر ۾ پيل سونا زيور، روڪ رقم 50 هازر روپيا، نياڻين جي ڏاج جو سامان ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته سڙي ويل گهر متاثرن آڍو خان سابقي، غلام حسين سابقي، دولت خان سابقي پنهنجي معصوم ٻچڙن سان گڏجي کلي آسمان هيٺ ويهي امداد جي گهر ڪئي جڏهن ته باھ متاثرين وٽ ڪو به چونديل نمائندو نه پهتو نه ئي ڪنهن سرندي واري کين مدد ڪئي هوڏانهن ڳوٺ جي معزز شخصيتن محمد حيات سابقي ۽ ڪامريڊ شاعر نياز سابقي ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته باھ متاثرين جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن اهي ٻيهر پنهنجا گهر اڏي گرمي کا بچي سگهن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button