مختصر خبرون

مورو ڀرسان ڳوٺ رسول آباد ۾ ٻارڙن جي ڳالھ تان جهيڙو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو ڀرسان ڳوٺ رسول آباد ۾ بارڙن جي ڳالھ تان کوکر برداري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ لٺين ڪهاڙين سرن ۽ لوهي سرين جو آزادانه استعمال ٿيڻ ڪري 4 ڄڻا شريف کوکر، علي اصغر کوکر، جان محمد کوکر ۽ علي اڪبر کوکر سخت زخمي ٿي پيا جن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي ٽن ڄڻ جي حالت نازڪ هئڻ ڪري کين نوابشاھ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو ان موقعي تي جهيڙي ۾ زخمي دين محمد کوکر ٻڌايو ته ڳوٺ ٻارڙن جي معمولي ڳالھ تان برداري جي ماڻهن اسان جي ماڻهن تي هلان ڪري سخت تشدد ڪيو جنهن سبب اسان جا 4 همراھ زخمي ٿي پيا جڏهن ته قمرالدين چانديو ٿاڻي تي حملو ڪندڙ غلام شبير، وزير، يار محمد، رفيق، نديم، زاهد، ياسين، اعجاز ۽ شيرو کوکر مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button