مختصر خبرون

مورو: تحفظ فراھم ڪيو وڃي، نئين جوڙي جي پريس ڪانفرنس

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مائٽ پوڙهي شخص سان سادي پيا ڪرائين پسند جي شادي ڪئي آهي هاڻي مائٽ جاني دشمن بڻجي ويا آهن کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي پسند جي سادي ڪندڙ جوري جي پريس ڪانفرس ۾ تحفظ جي اپيل؛ تفصيل موجب؛ بوزدار وڏا جي رهواسڻ شازيه ڌيءَ تاج محمد رند بلوچ سڪرنڊ جي عدالت ۾ ذوهيب علي پرهيار سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي جن هتي پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته منهنجا والدين هڪ پوڙهي شخص سان سادي ڪرائڻ چاهين پيا جيڪا ڳالھ مونکي پسند نه هئي ۽ منهنجا والدين لالچي قسم جا آهن جيڪي مونکي وڪرو ڪرڻ چاهين پيا جنهن تي مون پنهنجي خوشيءَ سان گهران نڪري اچي ذوهيب پرهيار سان سڪرنڊ جي ڪورٽ ۾ شادي ڪئي آهي جنهن تي منهنجا مائٽ جنهن ۾ منهنجو پيءُ تاج رند بلوچ، ڪيهر پرهيار، علي شير پرهيار، ناظم پرهيار جان جا دشمن بڻجي ويا آهن ۽ ڪارو ڪاري جي الزام تحت مارڻ ۽ منهنجي مڙس ۽ ان جي مائٽن تي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين جڏهن ته اتان جي پوليس به انهن سان ٻٽ بڻيل آهي ۽ ٿاني جو صوبيدار محمد سليمان ڀنڀرو، روشن سيال ۽ ٻيو عملو پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري اسان کي فاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جڏهن پوليس اسان جي گهر تي چڙهائي ڪندي چادر چئو ديواري جو تقدس پئمال ڪندي گهرن ۾ ڀنڃ ڊاھ ڪئي آهي جنهن ۾ 5 ٻڪريون هڪ تتر هڪ طوطو ۽ ڪڪڙيون مري ويون آهن جنهن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست پڻ داخل ڪئي آهي هنن مطالبو ڪيو ته ملوث پوليس آفيسر ۽ عملي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڇي ۽ اسان کي مارڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ فاسائڻ جي ڌمڪڪي ڏيندڙن کي پڻ قانون جي ڪٽهري ۾ آڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button